ٺٽي ۾ پ پ پ جي چيئرمين وفاقي وزير خارجہ بلاول ڀٽو زرداري ٺٽي ويجھو ڌاٻيچي ۾ 1530 ايڪڙن تي مشتمل اسپيشل اڪنامڪ زون منصوبي جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو آھي، ڌاٻيچي اڪنامڪ اسپيشل زون ۾ ابتدائي طور 700 سئو ايڪڙ ايراضي کي فعال بڻايو پيو وڃي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي ۾ پ پ پ جي چيئرمين وفاقي وزير خارجہ بلاول ڀٽو زرداري ٺٽي ويجھو ڌاٻيچي ۾ 1530 ايڪڙن تي مشتمل اسپيشل اڪنامڪ زون منصوبي جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو آھي، ڌاٻيچي اڪنامڪ اسپيشل زون ۾ ابتدائي طور 700 سئو ايڪڙ ايراضي کي فعال بڻايو پيو وڃي، جتي ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدار پنھنجو سرمايو لڳائيندا، ڌاٻيچي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ پاڻي، بجلي ۽ روڊ، رستن جي تعمير تي 2 ارب روپيہ خرچ ڪرڻ جو پڻ پلان جوڙيو ويو آھي، جڏھن تہ 150 کان وڌيڪ ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيدارن کي 10 سالن تائين ٽيڪس فري ڪيو ويندو، منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي پ پ پ چيئرمين وفاقي وزير خارجہ بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ اسان تبديلي جي نالي تي ملڪ ۽ قوم کي تباھ ٿيندي ڏٺو آھي، پر پ پ پ عوامي خدمت ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، ھن چيو تہ آصف علي زرداري چين سان سٺا تعلقات رکي گوادر پورٽ ان جي حوالي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ پاڪستان ۾ صرف ڳالھيون ڪرڻ وارين ناڪام سياسي جماعتن کي اسان ڏٺو آھي ۽ عوام جي خدمت ۽ ڪم ڪرڻ وارا بہ عوام جي سامھون آھن، اسانجي عوامي پارٽي آھي، جيڪا عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل آھي، عوام کي ھنن منصوبن مان سٺو فائدو پھچڻ سان گڏ ملڪ بہ ترقي ڪندو، ھھڙن منصوبن جي اسانجي ملڪ کي سخت ضرورت آھي، جنھن لاء اسان ڪوشان آھيون. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وڏير سيد مراد علي شاھ چيو تہ چين سان تعلقات بھتر بنائڻ ۾ پ پ پ جي قائد سابقہ وزير اعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ھو، ڌاٻيچي اڪنامڪ اسپيشل زون بہ سي پيڪ جو حصو آھي، ھن چيو تہ چين طرفان ھڪ مھينو اڳ ھن اھم منصوبي جي منظوري ملي آھي، جنھن کي تمام تيزي سان اڳتي وڏائينداسين، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ چيو تہ ھن اھم منصوبي جي لاء ڌاٻيچي واري جاء سٺي لوڪيشن تي اھي، جتان ڪراچي ايئر پورٽ سميت پورٽ قاسم بندرگاھ بہ ويجھو آھي، ھي اسپيشل اڪنامڪ زون جو منصوبو ھڪ پائلٽ پروجيڪٽ اھي، جنھن کي اسان اڳتي ترقي ڏانھن کڻي وينداسين، جنھن سان روزگار جا کوڙ سارا موقعا فراھم ٿيندا، ھن چيو تہ ھي 5 ارب ڊالرن جي ماليت جو پروجيڪٽ سي پيڪ جو حصو آھي، جنھن سان علائقي ۾ ترقي سان گڏ روزگار ملندو، افتتاحي تقريب ۾ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر شاھ، شرجيل انعام ميمڻ، مرتضي وھاب، اڳوڻو ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، پ پ پ ضلعي ٺٽي جو صدر وزير اعلي سنڌ جو معاون خاص صادق علي ميمڻ، ايم پي اي ڄام اويس گھرام جوکيو، ڄام عبدالڪريم جوکيو، ضلعي ڪائونسل ٺٽو جو چيئرمين، پ پ پ ضلعي ٺٽي جو سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنھور، پ پ پ ضلعي ٺٽي جو جنرل سيڪريٽري امتياز قريشي سميت مختلف کاتن جا عملدار، پارٽي اڳواڻ پڻ موجود ھئا. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتھائي سخت قدم کنيا ويا ھئا، جيئن ڪو اڻوندڙ واقعو پيش اچي نہ سگھي.
========================

اپنا تبصرہ بھیجیں