عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع

عام چونڊون مقرر وقت تي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع، جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪرائڻ آئيني گهرج آهي، مقرر وقت تي چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن ۽ نگران حڪومت جي ذميواري آهي، ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي، 8 فئبروري تي اليڪشن جي تاريخ مقرر ٿي چڪي آهي،سينيٽ مان اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ منظور ڪيل ٺهراءُ غيرآئيني ۽ غير جمهوري آهي، سينيٽ کي آئين خلاف قدم کڻڻ جو اختيار ناهي،8 فئبروري تي صاف شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي ۽ سڀني جماعتن کي ليول پلئنگ فيلڊ ڏني وڃي، سينيٽ مان اليڪشن ملتوي ڪرائڻ بابت منظور ڪيل ٺهراءُ کي ڪالعدم تصور ڪيو وڃي

========================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں