ٺٽي ضلع جي پوليس پاران ٻن ڌار ڌار مقابلن ۾ ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا،

ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ٺٽي ضلع جي پوليس پاران ٻن ڌار ڌار مقابلن ۾ ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا، تفصيل موجب ٺٽي لڳ هاليجي لنڪ روڊ تي سم نالي وٽ ڦر جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن سان پوليس جي مقابلي ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ جوابدار صدام عرف منڊو ملاح کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جيڪو ٺٽو ڪينجھر مڪلي ڌاٻيچي گهارو ۽ ساڪرو ٿاڻن جي پوليس کي سنگين ڏوهي وارداتن ۾ ملوث آهي پوليس جوابدار صدام وٽان هڪ پسٽل ۽ موٽر سائيڪل برآمد ڪئي جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا ٻئي پاسي پوليس مقابلو ميرپور ساجرو لڳ محموداڻي لنڪ روڊ تي ٿيو جنهن ۾ پوليس مقابلي بعد هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ رستم عرف موسو ملاح طور ڪئي ويئي جيڪو پڻ ضلع جي مختلف ٿاڻن جي پوليس کي گهربل هو پوليس جي دعوا

اپنا تبصرہ بھیجیں