
سنڌ پيپلز هائوسنگ فاؤنڊيشن جو سيلاب متاثرن لاءِ مثالي اقدام
اسلام آباد ۾ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان ٿيل اي ايس ايف فورم 2025 تي، سنڌ پيپلز هائوسنگ فاؤنڊيشن (SPHF) جي سي اي او خالد محمود شيخ، “اسٽيڪ هولڊرز سان مشغوليت ۽ اعتماد جي تعمير” عنوان سان ٿيندڙ تڪنيڪي سيشن ۾ پينلسٽ طور شرڪت ڪئي۔

انھن SPHF جي تجربن کي شيئر ڪندي ڄاڻايو ته فاؤنڊيشن عورتن سميت سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، جتي 8 لک کان وڌيڪ عورتون سڌيءَ طرح هن پروگرام سان منسلڪ آهن۔ انھن ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي استعمال تي به زور ڏنو، جيڪو عوامي شراڪت، فيڊبئڪ ۽ منصوبن جي شفافيت کي بھتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي۔


هي قدم سيلاب متاثرن جي بحالي ۽ پائيدار ترقي لاءِ SPHF جي عزم جو واضح ثبوت آهي۔


