هڪ سازش تحت ڪراچي جي شهرين کي پاڻي جي بوند بوند لاءِ تڙپايو پيو وڃي، حليم عادل شيخ

هڪ سازش تحت ڪراچي جي شهرين کي پاڻي جي بوند بوند لاءِ تڙپايو پيو وڃي، حليم عادل شيخ

شدت واري گرمي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ هاڻي برداشت نه ڪئي ويندي، حليم عادل شيخ

شهر ڪراچي کي ڪچري جي ڍير بڻائيندڙ عوام جا نمائندا نه آهن، حليم عادل شيخ

ملڪ ۽ قوم جي حقن لاءِ وڙهڻ تي عمران خان کي جيل ۾ رکيو ويو آهي، حليم عادل شيخ

ڪراچي (پريس رليز، تاريخ 1 جون) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ عادل هائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪراچي سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر آهي، پر هڪ سازش تحت هتي جي شهرين کي پاڻي جي بوند بوند لاءِ تڙپايو پيو وڃي، ماڻهن کي ٽينڪر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. جيڪڏهن عوام جا مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهن ته جعلي مينڊيٽ سان چونڊجي ايندڙ نمائندا فوري استعيفيٰ ڏئي گهر وڃن.

حليم عادل شيخ چيو ته شديد گرمي باوجود ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 12 کان 15 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جنهن سبب ماڻهن جو جيئڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. هن مطالبو ڪيو ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو فوري خاتمو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ عوام سان گڏ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

حليم عادل شيخ چيو ته عيدالاضحيٰ ويجهو اچي وئي آهي، پر شهر ۾ هر هنڌ ڪچري جا ڍير پيل آهن. ميئر ڪراچي ٻين مسئلن جيان شهر مان ڪچرو به کڻائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪو به مناسب انتظام نه ڪيو ويو آهي، خدشو آهي ته عيد جي ڏينهن ۾ ڪراچي گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويندي.

هن چيو ته ڪراچي جا سڀ نمائندا چوري ٿيل مينڊيٽ سان اسيمبلي تائين پهتا آهن، انهن کي عوام جي مسئلن جي ڪا به سمجهه ناهي. اصل نمائندا روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن ته جعلي نمائندا اسيمبلين ۾ ويٺل آهن، جن کي عوام جي ڪا پرواه ناهي.

حليم عادل شيخ چيو ته پي ٽي آءِ پاڪستان جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي. ڪراچي مان پي ٽي آءِ جا اڪثريت سان چونڊيل اميدوار هئا، 22 قومي اسيمبلي ۽ 35 صوبائي اسيمبلي جون سيٽون اسان کان کسجي ويون. جيڪڏهن عدليا آزاد هجي ها ته اسان جا ڪيس اڳ ۾ ئي حل ٿي وڃن ها، پر 26هين آئيني ترميم کان پوءِ عدليا کي ڪمزور ڪيو ويو.

هن چيو ته عمران خان سميت پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ هزارين ڪارڪن ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ بند آهن. انهن جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته انهن حقيقي آزادي جي تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ ملڪ و قوم جي حقن لاءِ وڙهيا. هن چيو ته هاڻ ظلم ۽ جبر جي انتها ٿي وئي آهي، جلد ئي حق ۽ سچ جي فتح ٿيندي ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ٿيندي.

ڪراچي ۾ بي قابو ڊمپر هڪ استاد، پروفيسر افتخار احمد ڀٽو جي حياتي کسي ورتي. واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڊمپر ڊرائيور خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

حليم عادل شيخ چيو ته ڪراچي ۾ اڳ ۾ ئي وڏين گاڏين جي داخلا تي پابندي لڳايل هئي، پر ان جي باوجود اهي انفٽ گاڏيون شهر جي روڊن تي بي خوف گهمي رهيون آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترائي شهري اڳ ۾ ئي اهڙن ڊمپرن جو نشانو بڻجي چڪا آهن.

هن واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته اسان هن ڏک جي گهڙي ۾ مرحوم جي وارثن سان گڏ آهيون. هن مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ انفٽ گاڏين ۽ بنا لائسنس ڊرائيورن خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ قيمتي جانيون وڃائڻ کان بچي سگهن.

جاري ڪردو: ايڊوائيزر ٽو صدر پي ٽي آءِ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں