4 سال اڳ ڌاٻيچي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي ڦر دوران هٿياربندن هٿان بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيل ٺٽو واسي نوجوان موبائل فرنچائز ملازم نور خان هڱورو جي قتل ڪيس وارو معاملو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) 4 سال اڳ ڌاٻيچي شهر ۾ ڏينهن ڏٺي ڦر دوران هٿياربندن هٿان بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪيل ٺٽو واسي نوجوان موبائل فرنچائز ملازم نور خان هڱورو جي قتل ڪيس وارو معاملو، سنڌ هاء ڪورٽ ڪراچي جي ڊبل بئنچ جوابدارن جي اپيل واري درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،ڦاسي جي سزا ٻڌايل مک جوابدار تاج محمد مڪراڻي جي سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪئي ويئي، جڏھن تہ سندس ٻئي ساٿي جوابدار عبدالله چارڻ جي عمر قيد واري سزا برقرار رکي ويئي آھي، ھاء ڪورٽ سنڌ عمر قيد جي سزا ٻڌايل ٽئين جوابدار اقبال پٺاڻ کي شڪ جي فائدي سبب بري ڪري سندس عمر قيد جي سزا کي پڻ ختم ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي، مقتول نورخان قتل ڪيس ۾ سزا ٻڌايل جوابدارن جي اپيل تي هاء ڪورٽ ڪراچي جي ڊبل بئنچ جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس خادم حسين تنيو ٻڌڻي ڪندي ڪيس مسلسل هلائڻ بعد اڄ فيصلو ٻڌايو جن کي ماڊل ڪورٽ ٺٽو جي عدالت سزا ٻڌائي هئي،
مقتول نوجوان نور خان هنڱورو جي والد فريادي الهڏنو هڱورو پاران سينيئر نوجوان قانوندان ايڊوڪيٽ ثناء الله سومرو هاء ڪورٽ ۾ ڪيس جي پيروي ڪئي، جڏھن تہ جوابدار ڌر پاران ايڊوڪيٽ ايم بي ڀٽو ۽ سندس ٽيم وڪالت ڪئي.
=========================

اپنا تبصرہ بھیجیں