ايڪسائيز انسپيڪٽر عبدالغفور قمبراڻي جي ڊيوٽي جا 36 سال پورا ٿيڻ تي کيس ايڪسائيز آفيس ٺٽي ۾ ايڪسائيز ٽيڪسيشن آفيسر محمد جمن ميمڻ پاران الوداعي پارٽي ڏني ويئي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ايڪسائيز انسپيڪٽر عبدالغفور قمبراڻي جي ڊيوٽي جا 36 سال پورا ٿيڻ تي کيس ايڪسائيز آفيس ٺٽي ۾ ايڪسائيز ٽيڪسيشن آفيسر محمد جمن ميمڻ پاران الوداعي پارٽي ڏني ويئي، جنھن پارٽي ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس جو سرڪل آفيسر ملڪ نظير احمد، ايڪسائيز انسپيڪٽر اعجاز شابراڻي، مظفر عباسي، علي گوهر قمبراڻي، نيڪ محمد قمبراڻي، جان محمد قمبراڻي ۽ ايڪسائيز ٽيم پاران عبدالغفور قمبراڻي کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪون پھرائي کيس مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي عبدالغفور قمبراڻي چيو ته منھنجي ڊيوٽي جا 36 سال پورا ٿيڻ تي مون کي اي ٽي او پاران الوداعي پارٽي ڏني وئي آهي آئون سندس تمام گھڻو ٿورائتو آهيان ھن چيو تہ اي ٽي او محمد جمن ميمڻ ھڪ بھترين آفيسر آھي جنھن ڪڏھن به پنھنجي ٽيم کي اڪيلو ناھي ڇڏيو.
=============

اپنا تبصرہ بھیجیں