جسٽس باقر، غلام محمد مهر اسپتال جي گورننگ باڊي ٽوڙيندي ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪري ڇڏيو

سکر (24 آڪٽوبر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر غلام محمد مهر سول اسپتال جي اوچتو دوري دوران ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪرڻ سميت گورنمنٽ باڊي تحليل ڪري ڇڏي ۽ ڪرپشن ۽ بدانتظامي ڪندڙن کي وائکو ڪرڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ذريعي اسپتال جي اڪائونٽس جي فرانزڪ آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان موقعي تي وڏي وزير سان سندس پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي ۽ صحت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر منصور رضوي پڻ موجود هئا. اڱاري جي صبح وڏي وزير پنهنجي ڏينهن جي شروعات غلام محمد مهر ميڊيڪل اسپتال (سول اسپتال سکر) جو اوچتو دورو ڪندي ڪيو. وڏي وزير اسپتال جي آءِ سي يو، آپريشن ٿيٽرز، فارميسي/ميڊيسن اسٽور ۽ ٻارن جي وارڊن جو دورو ڪيو ۽ مريضن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اسپتال جي ڪارڪردگي بابت پڇاڳاڇا ڪئي. ڄاڻ وٺڻ کانپوءِ وڏي وزير کي خبر پئي ته نه ته ڊائريڪٽر جنرل ۽ نه ئي ٻين لاڳاپيل آفيسرن ڪڏهن به اسپتال جي سهولتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪو معائنو ڪيو آهي. هن ڏٺو ته او پي ڊي وارڊ ۾ مرد ۽ عورت مريض بغير ڪنهن پردي جي بسترن تي ويٺا آهن جڏهن ته اسپتال ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ او پي ڊي جي جاءِ/وارڊ موجود آهن. وڏي وزير چيو ته اسپتال انتظاميه دوائن جي مقامي خريداري يا معمولي مرمت ۽ سار سنڀال تي ٿيل خرچن جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. تنهنڪري وڏي وزير اسپتال جي ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسپتال جي ڪچن جي معائني دوران وڏي وزير چيو ته صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ مريضن لاءِ باقاعده کاڌو تيار نه ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اسپتال ۾ روزاني جي خريداري جو ڪوبه رڪارڊ موجود ناهي ۽ ايتري قدر جو مريضن کي پاڻ کاڌو پچائڻ ۽ ڏيڻ لاءِ ڪوبه ضروري سامان نه آهي. تنهنڪري وڏي وزير اسپتال جو مامرو صاف سٿرو ۽ شفاف انداز ۾ هلائڻ ۾ ناڪام وڃڻ تي اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي معطل ڪري ڇڏيو. وڏي وزير غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جي پرنسپال کي گهرايو جيڪو اسپتال جي گورننگ باڊي جو چيئرمين هو ۽ کيس چيو ته اوهان چيئرمين جي حيثيت ۾ اسپتال جي بورڊ جي نگراني واري ڪم ۾ ناڪام ويا آهيو تنهنڪري وڏي وزير گورنمنٽ باڊي کي ٽوڙڻ جو حڪم ڏيندي اينٽي ڪرپشن کي اسپتال جي اڪائونٽس جي فرانزڪ آڊٽ لاءِ مڪمل انڪوائري جو حڪم پڻ ڏنو. پوليس اسٽيشن سي سيڪشن: وڏي وزير گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز سان گڏ پوليس اسٽيشن سي سيڪشن جو اوچتو دورو ڪيو جتي کين هر شيءِ گندي نظر آئي. تازو برساتن سبب پوليس اسٽيشن جي عمارت ڊهي پئي جڏهن ته هٿيارخاني ۽ مالخاني ۾ مختلف قسمن جا ڪيڙا نظر آيا. وڏي وزير ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ڊي آءِ جي پوليس اسٽيشنن جو معائنو نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ڇوته وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ پاران سمورن ٿاڻن جي ضروري انسپيڪشن لاءِ پڌرنامو پڻ جاري ڪيو ويو هو. وڏي وزير پوليس کي خبردار ڪيو ته هو ڊرگ مافيا ۽ منظم ڏوهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪري ۽ صوبائي پوليس تي عوام جو اعتماد پيدا ڪري. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته توهان (پوليس) پنهنجي پوليس اسٽيشنن کي صاف ۽ محفوظ بڻايو ۽ پوليس اسٽيشنن ۾ انسپيڪشن رجسٽر کي يقيني بڻايو. دارالامان: وڏي وزير پنهنجي اوچتو دوري جي آخري مرحلي تي دارالامان پهتو جتي 24 قيدي هئا جن مان ڪجهه پنهنجي ٻارن سان گڏ رهيل هئا. وڏي وزير دارالامان جي حالت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هنڌن تي وهاڻا ناهن ۽ ڪمرن مان ڌپ اچي رهي آهي جڏهن ته قيدين پڻ انتظاميه جي رويي جي شڪايت ڪئي آهي. وڏي وزير ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته دارالامان جون حالتون بهتر ڪندي قيدين ۽ سندن ٻارن لاءِ سٺو ماحول بڻايو وڃي ۽ ٽي وي روم تيار ڪيو وڃي جتي هو ٽي وي ڏسي سگهن. هن ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته رڌڻي خاني، ڊائننگ هال ۽ واش رومز جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ انهن کي هوادار بڻايو وڃي ته جيئن عورتون سٺي ماحول ۾ رهي سگهن. ان دوران هن ڊي سي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ليڊي اسسٽنٽ ڪمشنر ذريعي دارالامان جي معاملن بابت انڪوائري ڪرائي رپورٽ پيش ڪري.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
===================================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں