ٺٽي ۾ مڪلي جي تاريخدان مير علي شير قانع کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اينڊومنٽ فنڊ ٽرسٽ جي زير اهتمام منعقد تقريب ۾ وزير ثقافت و تعليم سنڌ سيد سردار شاه شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو،


ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ٺٽي ۾ مڪلي جي تاريخدان مير علي شير قانع کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ اينڊومنٽ فنڊ ٽرسٽ جي زير اهتمام منعقد تقريب ۾ وزير ثقافت و تعليم سنڌ سيد سردار شاه شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو، تفصيل موجب ٺٽي ۾ مڪلي جي تاريخي مقام تحفته الڪلام مڪلي نالي ۽ چاليھ کان وڌيڪ ڪتابن جي مصنف ۽ تاريخدان مير علي شير قانع کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ انجي يادگار چوڪنڊي جو افتتاح ڪيو افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد سردار شاه چيو ته اسان وٽ ڪابه فورس ناھي ته آثار قديمي چيزن تان قبضہ خالي ڪرايون جتان جتان شڪايتون مليون آهن ضلعي آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪندا آھيون ڪافي تاريخي اثاثن تان قبضا ختم ڪرايان آھن آثار قديما تان قبضا ختم ڪرايون پر ڪورٽ اسان جو ساٿ نٿي ڏي ٻوڏ ۾ قديمي مقامن تي ڪافي نقصان پهتو آهي موئن جو دڙو راڻي ڪوٽ سميت تاريخي اثاثن تي نقصان ٿيو آهي جنھن جي بحالي اسان لاءِ وڏو چئلينج ٿي چڪو آهي ھن چيو تہ وزير اعلي سنڌ کي آگاھ ڪيو آهي ته محڪمه ثقافت وٽ ايترا وسيلا ناھن جو ان کي بحال ڪري سگھجي ھي تاريخي اثاثہ سڄي دنيا جا آھن ان لاء تاريخي اثاثن طرف اسان کي مائل ٿيئڻو پوندو اتي پروگرام منعقد ڪيا ويندا جيئن اسان جي ايندڙ نسل کي ان اثاثن جي ڄاڻ ملي سگھي
====================

اپنا تبصرہ بھیجیں