پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم بجلي جي بلن م ڳاٺي ٽوڙ واڌ جي سخت لفظن م مذمت ڪندي چيو آهي ت ڪي اليڪٽرڪ مافيا بڻجي وئي آهي

ڪراچي ( بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم بجلي جي بلن م ڳاٺي ٽوڙ واڌ جي سخت لفظن م مذمت ڪندي چيو آهي ت ڪي اليڪٽرڪ مافيا بڻجي وئي آهي جنھن ڪراچي جي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي روزانو بلن م اضافي سبب ڪراچي جو مزدور ء ملازم طبقو ٻن وقتن جي ماني کان محروم ٿي ويو آهي ،بدترين لوڊشيڊنگ باوجود 15 کان 20 ھزار رپيا ننڍي گھر جا بل اماڻيا پيا وڃن،جنھن ڪري شھرين جي زندگي عذاب بڻجي وئي،پنھنجي جاري بيان م سردار عبدالرحيم چيو ت اٽي ،کنڊ ،دالين ،چانورن جا اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن کير 220 رپيا وڪرو ٿي رھيو آھي متان وري بجلي جي اگھن م ھر روز اضافو عوام کي بکيو مارڻ جي سازش آھي جنھن جي ڀرپور لفظن م مذمت ڪيون ٿا،ھن چيو اھيو وقت پري ناهي جو ڪراچي جو عوام ڪي اليڪٽرڪ جي زيادتين خلاف روڊن تي اچي ظالم ء ڪرپٽ انتظاميا ء سندن مالڪن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪندو،ھن چيو ت گذريل ڏينھن ٽمبر مارڪيٽ م ٿيندڙ واقعي مان ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه سبق حاصل ڪري ء بجلي جي بلن م ڪيل اضافو ء لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻي.
========================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں