) ڊسٽرڪٽ ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام عثمان مري پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آھي تہ حڪومتِ پاڪستان جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سنڌ جي ٻين ضلعن سان گڏوگڏ ضلعي ٺٽي ۽ ضلعي سجاول جي وڌ کان وڌ گھراڻن کي گھرجي تہ ھ

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ڊسٽرڪٽ ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام عثمان مري پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آھي تہ حڪومتِ پاڪستان جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سنڌ جي ٻين ضلعن سان گڏوگڏ ضلعي ٺٽي ۽ ضلعي سجاول جي وڌ کان وڌ گھراڻن کي گھرجي تہ ھو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ٿين، ڇاڪاڻ جو ھيٺ ڄاڻايل شھرن ۾ رجسٽريشن وارو عمل تيزي سان جاري آهي. ڊسٽرڪٽ ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي آفيسر عثمان مري چيو تہ آهي مستحق گهراڻان جيڪي اڃان تائين هن پروگرام ۾ رجسٽريشن ناهن ڪرائي سگھيا، اھي پنهنجي ويجهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رجسٽريشن مرڪز تي وڃي سروي ڪرائي سگھن ٿا. ھن چيو تہ رجسٽريشن سومر کان ڇنڇر ڏينهن روزاني صُبح 7 کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنھن وقفي جي جاري رهندي. ھن چيو تہ اولاد ھُجڻ جي صورت ۾ 18 سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن جو NADRA طرفان جاري ڪيل (B فارم) گڏ لازمي کڻي وڃڻو آھي ۽ 18 سالن کان وڌيڪ عمر جي گھر ڀاتين جا شناختي ڪارڊ ٺهيل ھجڻ گھرجن، جڏھن تہ 60 سال يا ان کان مٿي عمر جون عورتون جيڪڏھن پنهنجي پٽ سان گڏ رهن ٿيون ته ان پٽ جو ڪارڊ گڏ کڻي وڃڻ سان گڏ ايڪٽِو موبائل فون نمبر لازمي گڏ کڻي وڃڻ گھرجي، ھن چيو تہ هن ڊائنامڪ سروي جي ڪا به فيس ناهي، جڏھن تہ رجسٽريشن مرڪز جا تعلقہ آفيس بينظير انڪم سپورٽ پروگرام،
ويجهو مڪا مدينا سي اين جي اسٽيشن سجاول، گورنمينٽ گرلز مڊل اسڪول چُوھڙ جمالي، گورنمنٽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج کورواھ روڊ ميرپور بٺورو، تعلقي جاتي ضلعي سجاول ويجهو نادرا آفيس، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ويجهو سول اسپتال مڪلي ضلعو ٺٽو، آفيس گھوراٻاڙي ايٽ ٽأئون ڪاميٽي گھوراٻاڙي تعلقو گھوراٻاڙي ڊسٽرڪٽ ٺٽو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آفيس ميرپورساڪرو ايٽ گھارو نزد رحمانيان مسجد گھارو نمبر 2 تعلقو ميرپورساڪرو ڊسٽرڪٽ ٺٽو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آفيس ڪيٽي بندر ايٽ ٽائون ڪميٽي ڳاڙھو، تعلقو ڪيٽي بندر ڊسٽرڪٽ ٺٽو تي سينٽر مقرر ڪيا ويا آھن، جتي متاثر ماڻھون پھچي پنھنجي رجسٽريشن ڪرائين، ڊسٽرڪٽ ڊائريڪٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام عثمان مري ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي عوام کي ھن پروگرام مان ڀرپور نموني فائدو وٺي رجسٽريشن ڪرائڻ جي صلاح ڏني آھي، جيئن غريب، مستحق عورتن کي ھن پروگرام مان فائدو ملي سگھي.

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٽائون ڪميٽي مڪلي جي چيئرمين پير زين العابدين شاھ جيلاني مڪلي جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ بعد مڪلي جي وارڊ نمبر 07 شاھ لطيف ڪالوني مڪلي پھتو، جتي شھرين کيس صفائي سٿرائي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون، جتي ٽائون ڪميٽي مڪلي جي چيئرمين پير زين العابدين شاھ جيلاني مڪلي شاھ لطيف ڪالوني جي رھواسين کي خاطري ڪرائي تہ سندن جائز مسئلا 10 محرم الحرام کانپوء اوليت جي بنيادن تي سندس نگراني ۾ حل ڪيا ويندا، جنھن ۾ کين واٽر سپلاء جون نيون لائينون لڳرائي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ختم ڪرائڻ سميت سندن گليون پڻ صاف سٿريون ڪرائي کين پريشاني کان بچايو ويندو. ھن چيو تہ اسان عوام جا خادم آھيون ۽ انھن جي خدمت ڪرڻ لاء آيا آھيون، ھو بي فڪر رھن، سندن سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا، شھري بہ سندن ساٿ ڏين. ان موقعي تي عبدالستار چانڊيو، اعجاز چانڊيو، آفتاب چانڊيو، محمود چانڊيو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)گولاڙچي وارڊ نمبر چار جي رھواسي الطاف حسين کرل پنھنجي گم ٿي ويل چاچي ممتاز کرل کي ڳوليندي مڪلي پھچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ سندس چاچو ممتاز ولد نور محمد کرل جيڪو 3 ڏينھن اڳ 25 جولاء تي ڪراچي جي علائقي دار السلام سوسائٽي مان گھر اچڻ لاء نڪتو ھو، جيڪو اڃان تائين گھر پھچي ناھي سگھيو، جنھن ڪري ھو سخت پريشان آھن، ھن چيو تہ سندس گم ٿي ويل چاچو ممتاز کرل ڪنن کان ٻوڙو ۽ گونگو پڻ آھي، ھن وس وارن کي سندس گم ٿي ويل چاچي جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آھي.

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ڳاڙھو ويجهو روڊ حادثو هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي، تفصيل موجب ڳاڙھو/جوھو روڊ تي تيز رفتاري سبب موٽر سائيڪل کجي جي وڻ سان ٽڪرائجي ويئي، جنھن جي نتيجي ۾ کمون خاصخيلي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن تہ حنيف خاصخيلي شديد زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد ڊاڪٽرن وارثن حوالي ڪري زخمي جو علاج جاري ڪري ڇڏيو آهي، فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.
============================

اپنا تبصرہ بھیجیں