نيشنل اڪيڊمي آف پرمارمنگ آرٽس ناپا پاران مھراڻ سوشل ويلفيئر آرٽس ڪائونس ٺٽو ۽ پريس ڪلب مڪلي جي سھڪار سان جيمخانہ مڪلي ۾ سنڌي اصلاحي اسٽيج ناٽڪ ٺٽو ننگر پيش ڪيو ويو،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) نيشنل اڪيڊمي آف پرمارمنگ آرٽس ناپا پاران مھراڻ سوشل ويلفيئر آرٽس ڪائونس ٺٽو ۽ پريس ڪلب مڪلي جي سھڪار سان جيمخانہ مڪلي ۾ سنڌي اصلاحي اسٽيج ناٽڪ ٺٽو ننگر پيش ڪيو ويو، جنھن ۾ مزاحيہ اداڪار بصر بادشاھ ذلفي شاھ، يعقوب ڪلھوڙو، رشيد راجا، عرس ناريجو، اعجاز واريو، شاھنواز سولنگي، رفيق عيساڻي، ڪشور جبين، اڪبر دلواڻي، مرچو موالي، قادر جاکرو ۽ ٻين فن جو مظاھرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو، ھن ڊرامي جو ليکڪ منظور سيتائي، جڏھن تہ ھدايتڪار اڪبردلواڻي جن ھئا، ھن ڊرامي ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر وڏيرو رسول بخش جاکرو، گھارو ٽائون جي ايڊمنسٽريٽر عبدالغفور ھيجب جاکرو، اسسٽنٽ مختيار ڪار ٺٽو عبدالعزيز ميمڻ، سنڌ جي ناليواري مزاحيہ اداڪار عبدالمنان عباسي عرف ماما لالو، منظور سيتائي، صحافي محمد ايوب ملاح، پريس ڪلب ٺٽو جي صدر اقبال جاکرو، ڀورو سرڪي، شيراز واريو، عزيز جوکيو، اسماعيل پليجو، حاجي واريو، واحد شورو، عبدالستار خشڪ، ميڊم نوري شاھ، قيوم راھمون سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪري اداڪارن ۽ فنڪارن کي داد ڏيئي سندن ھمت افزائي ڪئي. ڊرامي کان اڳ ۽ پوء فنڪار عبدالرزاق ملاح، مومل بھار ۽ ٻين فن جو مظاھرو ڪري خوب داد حاصل ڪيو، ان موقعي تي سنڌ جي ناليواري مزاحيہ اداڪار ماما لالو، منظور سيتائي، اڪبر دلواڻي ۽ ٻين چيو تہ اھستي اھستي اسٽيج منڊليون ختم ٿينديون پيون وڃن، جن کي ٻيھر آباد ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي، ھنن چيو تہ سنڌ جي اداڪارن ۾ وڏو ٽيلنٽ موجود آھي، پر انھن کي اڳتي نڪرڻ جا موقعا نٿا ملن، ھنن چيو تہ ننگر ٺٽو ماضي ۾ وڏو علم، ادب جو درسگاھ رھڻ سان گڏ درويش ۽ بزرگن جو شھر آھي، جن ھميشہ امن، پيار، محبت ۽ انسانيت جو درس ڏنو آھي، ھن وقت ٺٽو مڪلي سميت پوري ضلعي ۾ منشيات جي وڌندڙ آزار نوجوان نسل جون زندگيون داء تي لڳائي ڇڏيون آھن، جنھن زھر کي روڪي نوجوانن جون زندگيون بچائڻ ۽ عوام کي اگاھي جي سخت ضرورت آھي. ھنن سنڌ حڪومت، ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو تہ اداڪارن، فنڪارن کي سرڪاري نوڪريون ڏيئي، انھن کي بھتر موقعا فراھم ڪري بيمار اداڪارن ۽ فنڪارن لاء وظيفا جاري ڪري انھن کي پريشاني کان بچائي ٽيلنٽ رکندڙ اداڪارن کي موقعا فراھم ڪيا وڃن، جيئن ھو پنھنجون صلاحيتون اجاگر ڪري سگھن.

اپنا تبصرہ بھیجیں