پيپلزپارٽي پاران سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ٺهراءُ جي حمايت ڪرڻ تي سينيٽر بهره مند تنگي کي شوڪاز نوٽيس جاري

پيپلزپارٽي پاران سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري ٺهراءُ جي حمايت ڪرڻ تي سينيٽر بهره مند تنگي کي شوڪاز نوٽيس جاري، پ پ جي جنرل سيڪريٽري نيئر بخاري پارٽي قيادت جي هدايت تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، نوٽيس ۾ بهره مند تنگي کي چيو ويو آهي ته توهان پارٽي قيادت جي پاليسي ۽ هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، توهان کي ڄاڻ آهي ته پارٽي 8 فيبروري تي عام چونڊن لاءِ پُرعزم آهي، اُن باوجود ٺهراءُ جي حمايت ڪئي، وضاحت ڪريو ته توهان ڇو ٺهراءُ جي حمايت ڪئي ۽ حمايت ۾ تقرير ڪئي، شوڪاز نوٽيس ۾ سينيٽر بهره مند تنگي کي هفتي اندر جواب ڏيڻ جي هدايت

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں