شڪارپور ڀرسان ڳوٺ قابالو ۾ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪميونٽي ڪلسٽر اسڪول ۾ سائنسي نمائش لڳائي وئي.

شڪارپور ڀرسان ڳوٺ قابالو ۾ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) جي انتظام هيٺ هلندڙ ڪميونٽي ڪلسٽر اسڪول ۾ سائنسي نمائش لڳائي وئي. نمائش ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (ايس اِي ايف) – سنڌ حڪومت جي سهڪار سان هلندڙ 6 سرسو-ڪميونٽي ڪلسٽر اسڪولن جهڙوڪ؛ اورنگ آباد، لڌو خان مھر، ڳڙھي صاحب خان، ڇٽي ڊرٻ ۽ سائين ڏنو ڪلھوڙو جي نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي شاگردن پنهنجا تيار ڪيل سائنسي ماڊلز پيش ڪيا.
نمائش ۾ سينيئر مئنيجر سرسو- سوشل سروس سيڪٽر ۽ تعليم جي ٽيم شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٽيم ڳالهائيندي چيو ته پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۾ ھن قسم جون نمائشون جديد سائنسي ڄاڻ ڏيڻ ۽ شاگردن جي مهارتن کي موقعو ڏيڻ وقت جي اھم ضرورت آھي جيڪي کين دنيا جي سائنس سان گڏوگڏ جديد طرز جي تعليم ۽ سائنسي معلومات پڻ فراھم ڪن ٿيون. نمائش ۾ لوڪل سپورٽ آرگنائيزيشن (ايل ايس او) اڳواڻ امان بشيران ۽ ڪميونٽي اڳواڻ علي خان راڄڙ سميت استادن، شاگردن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪميونٽي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اھڙا پروگرام سندن ٻارن ۾ تعليم جو اتساھ پيدا ڪن ٿا ۽ قبيلائي جھيڙن ۾ به ھٿيارن بجاء قلم کڻڻ تي آماده ڪن ٿا ڇو ته علم جي روشني سان ئي تبديلي ۽ ترقي ممڪن آهي.
هن وقت سرسو پاران پنهنجي انتظام هلندڙ ڪميونٽي ڪلسٽر ۽ اِي ايم او اسڪولن ۾ ٻارن ۾ سائنسي شعور اجاگرڻ ۽ سائنسي مهارتون پيدا ڪرڻ لاءِ اسڪول ۽ ڪلسٽر سطح تي سائنسي نمائشون لڳايون پيون وڃن. هنن نمائشن جو ٽيون ۽ آخري مرحلو سرسو ڪامپليڪس سکر ۾ منعقد ڪيو ويندو. جنھن ۾ شڪارپور، سکر، خيرپورميرس ۽ ڪشمور ضلعن مان سرسو جي انتظام ھيٺ ھلندڙ 27 سيڪنڊري اسڪول شرڪت ڪندا ۽ تيار ڪيل ماڊل سڀني جي سامهون پيش ڪندا.
#STEM #QualityEducationForAll #ScicenceFestival #communityclusterschool ٰ ٰٰ ٰ@Sindh Education Foundation, Government of Sindh School Education & Literacy Department, Government of Sindh

اپنا تبصرہ بھیجیں