قبرستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيئرمين ضياء الدين دايو، ميمبرن علي گوهر قمبراڻي، مولوي عبدالباسط صديقي، حاجي وسيم اختر ميمڻ، حامد مغل، علي ماڻڪاڻي جاويد شاه ۽ ٻين پاران جن خاندانن جا قبرستان آثارِ قديمہ جي مقبرن جي 200 فٽ اندر آھن

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) قبرستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيئرمين ضياء الدين دايو، ميمبرن علي گوهر قمبراڻي، مولوي عبدالباسط صديقي، حاجي وسيم اختر ميمڻ، حامد مغل، علي ماڻڪاڻي جاويد شاه ۽ ٻين پاران جن خاندانن جا قبرستان آثارِ قديمہ جي مقبرن جي 200 فٽ اندر آھن انھن خاندانن جي قبرستان جو دورو ڪري انھن کي متبادل جڳھ ڏيڻ لاءِ مڪلي قبرستان ۾ آثارِ قديمہ ۽ ڪميٽي پاران تجويز ڪيل زمين شاہ فصيل قادري جي ڀرسان رکي وئي آهي جتي بروھي، رونجھا، ڇٽا، منگسي ۽ ٻين برادرين جي معززين سان ڳالھ ٻولھ پڻ ڪئي ويئي، ان موقعي تي مختلف برادرين جي معززين قبرستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جو ٿورو مڃيندي چيو تہ سندن جدوجھد جي نتيجي ۾ سندن قبرستانن کي محفوظ بڻايو پيو وڃي، ھنن چيو تہ ھو ڪميٽي سان ھر موڙ تي گڏ ھوندا، ٻئي طرف ڪميٽي پاران مختلف برادرين کي اعتماد ۾ وٺندي تجويز ڪيل زمين بابت اسٽئيرنگ ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ ان ڳالهه تي غور ڪيو ويندو جيئن شھري پنھنجي اباڻي قبرستان ۾ ميتن جي تدفين ڪري سگھن.
==================

اپنا تبصرہ بھیجیں