روس جي سڀ کان سرد علائقي سائبيريا ۾ موسمي تبديليون سبب غير معمولي حد تائين شديد گرميءَ جو طوفان شروع ٿي ويو آهي، جتي درجه حرارت معمول کان 8 کان 9 درجا سينٽي گريڊ وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب، سائبيريا جي ڏکڻ اوڀر حصي ۾ پنج ڏينهن اڳ گرميءَ جو آغاز ٿيو، جيڪو هاڻي اوڀر طرف وڌي رهيو آهي. سائبيريا جي اولهه واري علائقن ۾ پڻ پنج ڏينهن اڳ گرميءَ جو زور پيو.
رشين هائيڊرو ميٽرولوجيڪل سينٽر جي ريسرچ ڊائريڪٽر رومن ولفينڊ ٻڌايو آهي ته سائبيريا ۽ روس جي پري اوڀر وارن علائقن ۾ ھن وقت هڪ طاقتور گرميءَ جو طوفان آهي، جنهن سبب ايندڙ ڏينھن ۾ درجه حرارت 38 درجا سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جيڪو معمول کان 8 کان 9 درجا وڌيڪ آهي.
Load/Hide Comments


