
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
ٺٽي جي ساحلي تعلقي گهوڙاٻاري ۾ پوليو جو هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٻن مهينن دوران ضلعي اندر ظاهر ٿيل ڪيسن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو گهوڙاٻاري تعلقي جي ور شھر ڀرسان ڳوٺ حاجي محمد علي چانڊيو ۾ 6 مهينن جي معصوم ٻارڙي رضوان ولد الهڏنو چانڊيو ۾ پوليو جا جزا هجڻ جي تصديق ڪئي وئي انتظاميه ۾ ٿرٿلو مسلسل پوليو مهم هلڻ باوجود گهوڙاٻاري تعلقي ۾ پوليو جو ٻيو نئون ڪيس ظاهر ٿيڻ تي سڄاڻ ڌرين ۾ سخت ڳڻتي ڇانيل صحت مرڪز ور جي ڊاڪٽر ساجد شيخ پاران تصديق ڪندي چيو آھي تہ ڪجھ مهينا اڳ 6 مهينن جي معصوم ٻارڙي جو شڪي ڪيس سامهون آيو جنهن جا سيمپلز مون وٺرائي ليبارٽري اماڻيا هئا معصوم ٻارڙو هڪ مهيني کان وٺي مسلسل بخار ۾ ھو ۽ سندس ڄنگهون پڻ متاثر ٿيون آھن 11 فيبروري تي مون مذڪوره ڪيس رپورٽ ڪيو هو


