
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته هر دور ۾ سچ لکڻ، سچ ٻڌڻ ۽ سچ ڳالهائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم رهيو آهي، پر سچ هرحال ۾ هڪ ڏينهن ظاهر ٿي ويندو آهي۔
اهڙو اظهار هن ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ نامور ڪالم نگار ۽ ليکڪ محمد خان ابڙو جي ڪتاب ڊي ٽريول آف ترٿ جي تقريبِ رونمائي ۾ خاص مهمان طور خطاب دوران ڪيو. راجا پرويز اشرف چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هر بالغ کي ووٽ جو حق ڏياريو، جنهن سان ڪروڙين ماڻهن کي سياسي اختيار مليو۔ 1973ع جو متفقه آئين به انهن ئي بڻايو، جيتوڻيڪ ان وقت انهن وٽ اڪثريت هوندي به هنن سڀني کي گڏ ڪيو۔ پوءِ ضياءَ الحق آئين معطل ڪيو ۽ ان جي اصل روح کي مسخ ڪيو، جنهن جي بحالي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي۔ سندس چوڻ هو ته جهموريت پاڻ ۾ هڪ خوبصورت منزل آهي ۽ اسان سڀني کي ملڪ لاءِ محبت ۽ هڪ ٻئي جو درد ورهائڻ جي ضرورت آهي۔ هن چيو ته بي بي کان سياست سکڻ منهنجي زندگي جو اعزاز آهي۔ ليکڪ محمد خان ابڙو خطاب ڪندي چيو ته هن ڪتاب ۾ انهن ڪالمن کي گڏ ڪري انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، جيڪي هن پيپلزپارٽي، سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي تاريخ تي مختلف دورن ۾ لکيون۔ ڪتاب ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد بينظير ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، مرتضى ڀٽو ۽ اڄ تائين پيش آيل واقعن ۽ حالتن کي بيان ڪيو ويو آهي۔ هن چيو ته پيپلزپارٽي اها جماعت آهي، جنهن سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون ۽ ملڪ جي بچاءَ لاءِ نهايت وڏي قيمت چڪائي آهي۔ ڪتاب کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته دنيا جي پڙهندڙن تائين به سنڌ ۽ پيپلزپارٽي جي حقيقي تاريخ پهچي۔ تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪراچي سوشل فورم جي صدر محبوب عباسي سينئر ليکڪ مدد علي سنڌي. اڳوڻي سينيٽر ۽ ليکڪ محمد يوسف شاهين
قومي اسيمبلي جي ميمبر مرزا اختيار بيگ ايم جي ايڊووڪيٽ سيد غلام شاه ۽ ٻيا نامور ليکڪ، شاعر ۽ سياسي شخصيتن چيو ته محمد خان ابڙو پنهنجي قلم سان سنڌ، جمهوريت، انساني حقن ۽ سياسي شعور لاءِ جيڪي لکيو آهي، اهو ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي جو ذريعو بڻجندو۔ هنن چيو ته سندس لکڻيون هميشه سچ جي ترجمان رهيون آهن ۽ سندس هي ڪتاب مستقبل جي تاريخ جو اهم حصو ثابت ٿيندو۔ تقريب ۾ اهم شخصيتن اڳوڻي صدر آزاد ڪشمير چوڌري محمد ياسين
صدر پيپلزپارٽي خيبرپختونخوا سيد محمد علي شاه باچا. جنرل سيڪريٽري محمد شجاع خان پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي انفارميشن سيڪريٽري شهزاد سعید چیمہ پيپلزپارٽي اسپين جي صدر چوڌري اشتيـا سنڌ اسمبلي جي ميمبر لعل چند اڪراني ۽ ٻين سياسي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب جي پڃاڻي ۾ نامور شاعر الطاف جتوئي پنهنجا شعر پيش ڪيا، جن کي شرڪت ڪندڙن خوب داد ڏنو۔


