لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۽ يونين آف جرنلسٽ طرفان ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي بي رحماڻي قتل خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو،

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۽ يونين آف جرنلسٽ طرفان ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي بي رحماڻي قتل خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، نائب صدر ڊاڪٽر بدر شيخ، جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ، خزانچي عبدالقادر جاگيراڻي، ايم يونس ڏيٿو، لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽ جي جنرل سيڪريٽري منصور ابڙو، سينئر صحافي نادر ابڙو، سلامت ابڙو، خان راجا مگسي، ياسين ابڙو، شاھ محمد لاشاري، نادر مائري، عبدالحفيظ منگي، اعجاز چانڊيو، اڪبر هيسباڻي، شبير مغيري، محمد يوسف شيخ، گلبهار شيخ، حميد ڀٽو، وسيم ڀٽو، ذيشان کوکر، جاويد جنجهوٽو، نويد سومرو، مومن ڪنگو، وقار ميمڻ ۽ ٻين چيو ته ميرپور ماٿيلو ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ حق سچ لکڻ تان هٿياربندن گوليون هڻي صحافي نصرالله گڏاڻي کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو هيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جيڪو گذريل جمعي ڏينهن زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو آهي، جنهن عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي قانون جي گرفت ۾ آڻي کين سخت کان سخت سزا ڏئي شهيد جي خون سان انصاف ڪرڻ سان گڏ صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

اپنا تبصرہ بھیجیں