عراق جي قونصل جنرل ڊاڪٽر ماھر مجاھد جيجان جي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سنڌ اسيمبلي ۾ ملاقات

پریس رليز
ڪراچي، 7 مئي 2025

عراق جي قونصل جنرل ڊاڪٽر ماھر مجاھد جيجان جي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سنڌ اسيمبلي ۾ ملاقات

عراق جي ڪراچي ۾ مقرر قونصل جنرل ڊاڪٽر ماھر مجاھد جيجان سان گڏ سندن ترجمان عبدالغفار بنگلاڻي به موجود ھئا جڏھن ته ملاقات دوران سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي جي ايم عمر فاروق، ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا عرفان احمد ميمڻ ۽ محترمه هما اڪرام ﷲ به شرڪت ڪئي.

ملاقات دوران پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ ٻہ طرفه لاڳاپن جي واڌاري سنڌ جي عوام جو ڪربلا ۽ نجف سان روحاني ۽ تاريخي تعلق ۽ ڪراچي ۾ نئين سر قائم ٿيل عراقي قونصل خاني ذريعي وڌندڙ تعاون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ويئي.

ڊاڪٽر ماھر مجاھد جيجان اسپيڪر سنڌ اسيمبلي کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي ۾ ويزا سيڪشن جلد ڪم شروع ڪندو ۽ بغداد سان آءِ ٽي سسٽم جي ڳانڍاپي سان پاڪستاني شهرين لاءِ قونصل خاني جون خدمتون وڌيڪ آسان بڻجنديون.

سيد اويس قادر شاهه عراق ۽ سنڌ جي عوام جي پراڻن لاڳاپن کي ساراهيندي چيو ته هو عراقي پارلياماني نمائندن کي سنڌ اسيمبلي جي دوري تي ڀليڪار چون ٿا. اسپیڪر سید اویس قادر شاہ نجف-سنڌ ۽ ڪراچي–بغداد فرينڊشپ گروپن جي قيام ۽ پارلياماني لاڳاپن جي تجويز ڏني ته جيئن عوامي سطح تي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين.

ڊاڪٽر ماھر مجاھد جيجان قونصل خاني جي قيام ۾ سنڌ حڪومت ۽ سنڌي عوام جي مدد تي ٿورا مڃيا ۽ اسپيڪر جي پارلياماني بصيرت جي واکاڻ ڪندي ترقي، معاشي ۽ ثقافتي سياحت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو عزم ظاهر ڪيو.

ان موقعي تي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ڊاڪٽر ماھر مجاھد جيجان کي سنڌ اسيمبلي جي ليگيسي شيلڊ، سندهي ثقافتي اجرڪ ۽ ٽوپي پيش ڪيا جڏهن ته ڊاڪٽر ماھر مجاھد جيجان جمهوريه عراق طرفان يادگاري تحفو پيش ڪندي سنڌ اسيمبلي جي مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.

اپنا تبصرہ بھیجیں