سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ، ايس ٽي ايلف فائونڊيشن ۽ برٽِش ڪائونسل اداري جي گڏيل سھڪار سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ ماحولياتي تبديلين بابت هڪ تقريب ڪئي وئي،

(پ ر ڪئمپس عمرڪوٽ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ، ايس ٽي ايلف فائونڊيشن ۽ برٽِش ڪائونسل اداري جي گڏيل سھڪار سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ ماحولياتي تبديلين بابت هڪ تقريب ڪئي وئي، جنھن ۾ ڪَرنيسنگھ سوڍو، ڊاڪٽر الطاف سيال وائيس چانسلر ٽنڊو ڄام، ڊاڪٽر جان محمد مري پرووائيس چانسلر ڪئمپس عمرڪوٽ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڪَرنيسنگھ سوڍو ڳالھائيندي چيو ته ماحولياتي تبديلن جو ذميوار انسان پاڻ آھي، جنھن پنھنجي مفاد لاءِ وڻن جي واڍي کان وٺي ڌرتي کي نقصان ڏيندڙ سرگرميون ڪري ھن ڌرتي کي نقصان پھچايو آھي، تنھن ڪري پاڻ کي خود کي ھن مصيبت مان نڪرڻ لاءِ سڃيدگي سان سوچڻو پوندو ۽ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔
ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته اڄ ڪئمپس ۾ ھيڏي تحداد ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿي آھي، ماحولياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ لاءِ خاص طور تي نوجوانن کي اڳتي اچڻو پوندو، جيڪي يقينن اھي اڳواڻ ھن قسم جا متحرڪ ادارائي ماحول دوست اڳواڻ پيدا ڪري سگھن ٿا.
ڊاڪٽر الطاف سيال وائيس چانسلر ٽنڊو ڄام خطاب ڪندي چيو ته ٿر پارڪر ۾ پاڻي جو وڏو مسئلو آھي، جنھن جي لاءِ فقط ئي واٽر ڪنزرويشن (Water Conservation) ڪري سگھجي ٿو، ٿر ۾ واٽر ڪنزرويشن لاءَ تمام گھڻي پوٽينشل موجود آھي، جنھن جي لاءِ حڪومت، يونيورسٽي ۽ ادارن کي گڏجي ٿر جي عوام کي لوڪل سطح تي تيار ڪجي، برسات جي پاڻي کي گڏ ڪرڻ لاءِ رٿائون تيار ڪجن.
ھن وڌيڪ چيو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري سنڌ جي زراعت تمام گھڻن مسئلن کي منھن ڏئي پئي، انھن مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ نوان تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۽ ڪئمپمس عمرڪوٽ پنھنجو ڪردار ادا ڪري پئي، پر اڃان به سخت محنت ۽ ريسرچ جي ضرورت آھي.
ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته سنڌ زرعي ڪئمپس عمرڪوٽ جا شاگرد تمام گھڻا متحرڪ آھن، جڏھن ته ماحولياتي تبديلين بابت تمام شاندار پروجيڪٽ ٺاھي، پنھنجون ذھيني صلاحيتيون وڌايون آھن، ھن وڌيڪ چيو ته آئون سڀني شاگردن ۽ نوجوانن کي ساراھيان ٿو.
ڊاڪٽر جان محمد مري پرووائيس چانسلر عمرڪوٽ ڪئمپس تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ جھڙي ريت شاگردن ۽ نوجوانن ماحولياتي تبديلين کي منھن ڏينھن لاءِ ماڊلس تيار ڪري تمام زبردست ڪم ڪيو، شاگردن جي محنت ۽ جذبو ڏسي اتساھ مليو.
ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته ماحولياتي تبديليون عالمي سڱين مسئلو ٿي ويو آھي، جڏھن ته پاڪستان جھڙا ملڪ ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ گھٽ، جڏھن ته سرمائيدار مُلڪ وڌيڪ شامل آھن، پر وڌيڪ ماحولياتي آفتن کي غريب مُلڪ منھن پيا ڏين.
ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ھن سڱين مسئلي مان نڪرڻ لاءِ سڀني ادارن کي پنھنجو پنھنجو ڪِردار ادا ڪرڻ جي شخت ضرورت آھي،
جڏھن ته گذريل ٻن سالن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ ماحولياتي تبديلين کي سمجھڻ لاءِ ٻه عالمي سطح تي تاريخي ڪانفرنسون ڪرايون، جنھن سان خاص طور تي مُحققن ۽ تحقِيقدانن شرڪت ڪئي، جنھن سان ٿر کي سمجھڻ ۽ عالمي ليوَل تي پذيرائي ملي.
آخر ۾ ھن خاص طور تي ڊاڪٽر الطاف سيال وائيس چانسلر ٽنڊو ڄام، ڪَرنيسگنھ سوڍو، ايس ٽي ايلف ۽ تقريب ۾ آيل سمورن مھمانن ۽ شاگردن جو شڪريو ادا ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں