سنڌ جي عورت، هنر ۽ اميد: 17 هين سرتيون سنگ هنر نمائش


سنڌ جي عورت، هنر ۽ اميد:
17 هين سرتيون سنگ هنر نمائش
ڪراچي ۾( SRSO ) سنڌ رورل سپورٽ اورگناـٔيزيشن پاران 17 هين سرتيون سنگ هنري نمائش ھلي رھي آھي، ۽ هي رڳو هڪ نمائش نه پر سنڌ جي ڳوٺاڻي عورتن جي محنت ۽ سگهه جو اظهار آهي.
مون ڏٺو آهي، هي ڪم رڳو ڪپڙا يا مٽيءَ جا نمونا نه آهن. هي اهي سڀ رنگ آهن جيڪي اسان جون ڳوٺاڻيون ڀينرون پنهنجي روٽي، عزت، ۽ بهتر مستقبل لاءِ انهن ۾ ڀرين ٿيون. جڏهن هڪ عورت پنهنجي هنر سان ڪمائي ٿي، ته ان جي سگهه رڳو ان جي گهر تائين نه رهندي آهي، پر پوري سماج کي مضبوط ڪندي آهي.
جيئن ته 14 ضلعن جي 6,000 کان وڌيڪ دستڪارن کي Business Development Groups (BDGs) ذريعي هڪ پليٽفارم ڏنو آهي. هر رلي، هر اجرڪ جو ٽڪرو، هر ٽوڪري، سندن محنت ۽ هنر جو سچو ثبوت آهي. هي عورت رڳو وڪڻڻ نه آئي آهي؛ هوءَ شهر جي وڏي مارڪيٽ ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ آئي آهي.
هڪ ليکڪ هجڻ جي ناتي، مان هن سفر جي قدر ڪريان ٿي.
هي نمائش اسان کي ياد ڏياريندي آهي ته اصل ترقي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن اسين سڀ کان ڪمزور ۽ سڀ کان وڌيڪ محنت ڪندڙن جا هٿ مضبوط ڪندا آهيون.
اوهان جي هڪ ننڍڙي خريد به ڪنهن عورت لاءِ وڏو سهارو بڻجي سگهي ٿي.
توهان سڀني کي گذارش آهي، سنڌ جي ثقافت (Culture) کي ڏسو، محسوس ڪيو ۽ ھن جي ڪارڪردگيءَ جو حصو بڻجي ھن کي ھمٿ ۽ سھارو ڏيو ۽ انهن هنرمند عورتن جي حوصلا افزائي ڪريو. انهن جي ڪاميابي ئي اسان جي اصل ڪاميابي آهي.
#SRSO #SartyoonSang #RuralWomenArtisans #BDGs #CraftsEnterprise #HandmadeCrafts #SupportRuralWomenArtisans #SindhCrafts

اپنا تبصرہ بھیجیں