مڪلي پريس ڪلب جي ميمبر صحافي عزيز جوکيو کي گذريل رات ڌاٻيچي کان ٺٽي ايندي ڪار ۾ پنھنجي فيملي سميت مڪلي ويجھو ٺٽو/ڪراچي قومي شاھراھ تي پوليس موبائيل ۾ ويٺل ڪجھ نامعلوم پوليس اھلڪارن پاران کيس روڪي ساڻس بداخلاقي ڪري سندس تذليل ڪئي،


ٺٽو(رپورٽ علي گوھر قمبراڻي) مڪلي پريس ڪلب جي ميمبر صحافي عزيز جوکيو کي گذريل رات ڌاٻيچي کان ٺٽي ايندي ڪار ۾ پنھنجي فيملي سميت مڪلي ويجھو ٺٽو/ڪراچي قومي شاھراھ تي پوليس موبائيل ۾ ويٺل ڪجھ نامعلوم پوليس اھلڪارن پاران کيس روڪي ساڻس بداخلاقي ڪري سندس تذليل ڪئي، جنھن ڪري سندس گھر ڀاتي خوفزدہ ٿي ويا، جنھن بعد صحافي عزيز جوکيو پاران پريس ڪلب مڪلي جي ٻين ميمبر صحافين کي بہ ساڻس ٿيل ناانصافي کان اگاھ ڪيو، جنھن بعد صحافين پاران اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايس ايس پي ٺٽو کان فورن نوٽيس وٺي ڇڙواڳ پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروائي جي گھر ڪرڻ سميت پريس ڪلب مڪلي جي صحافين جي ھڪ وفد اعجاز واريو، سيد گل شاھ، احمد خشڪ، اڪبر دلوڻي ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي ٺٽو سان ملاقات ڪري کيس سموري صورتحال کان آگاھ ڪري گھر ڪئي تہ فورن ملوث پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري صحافي عزيز جوکيو سان انصاف ڪيو وڃي، ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو صحافين کان ڪجھ وقت جي مھلت گھرندي صحافين کي يقين دھاني ڪرائي تہ ھو صحافي عزيز جوکيو کي انصاف فراھم ڪرائي ساڻس بدتميزي ڪندڙ پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، ٻئي طرف پريس ڪلب مڪلي جي صحافين چيو اھي تہ ايس ايس پي ٺٽو ڪيل واعدو وفا نہ ڪيو تہ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
==========================

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں