
جيڪب آباد :
تحرير :
اعجاز علي جوڻيجو تعلقا انچارج SPHF ٺل ❤
ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت جي فنڊنگ سان سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي گھرن جي تعمير واري پروجيڪٽ کي عوام پاران ڀرپور موٽ۔گھرن کي سينگارڻ وارو مقابلو بدستور جاري۔برسات ۽ ٻوڏ متاثر خاندانن جي چھرن تي مرڪون موٽي آيون۔


سڄي سنڌ جيان ٺل تعلقي ۾ به ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت جي فنڊنگ سان سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن پاران گھرن جي تعمير وارو پروجيڪٽ ھلندڙ آھي،
جنھن ۾ حڪومت پاران نالن جي منظوري ۽ انھن جي پھرين قسط سندن جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيڻ کانپوء
ٺل تعلقي جي عوام پاران حڪومت کان ملندڙ 3 لکن جي مدد ۽ پنھنجي ڪجھ رقم ان ۾ شامل ڪري پنھنجا بھترين گھر تعمير ڪرڻ ۾ رڌل آھن۔انھي سلسلي ۾ ٽين قسط حاصل ڪندڙ ڳوٺاڻان ورلڊ بئنڪ جي شرطن ۽ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي ٽيڪنيڪل ٽيمن جي فني معاونت سان پنھنجا گھر ته مڪمل ڪري رھيا آھن
پر ان سان گڏوگڏ ڳوٺاڻن ۾ گھر سينگارڻ وارو ٽرينڊ شروع ٿي ويو آھي
جنھن ۾ ھو ھڪ ٻئي کان گوء کڻڻ جي چڪر ۾ رنگين کان رنگين گھر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن،
اھڙي طرح ڳوٺ راجا عبدالقادر کوسو ۾ ھڪ کان وڌيڪ خوبصورت،پائيدار ۽ رنگين گھرن جو اضافو ٿيو آھي۔


