پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جو اجلاس گذريل ڏينهن پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو۔ اجلاس جي صدارت وزير محنت ۽ افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ سنڌ ۽ صدر پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن سعيد غني ڪئي۔ اجلاس ۾ 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بي نظير ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ ٿيندڙ جلسي جي تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔


ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)
پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جو اجلاس گذريل ڏينهن پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيو۔ اجلاس جي صدارت وزير محنت ۽ افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ سنڌ ۽ صدر پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن سعيد غني ڪئي۔ اجلاس ۾ 27 ڊسمبر تي شهيد محترمه بي نظير ڀٽو جي ورسي جي سلسلي ۾ ٿيندڙ جلسي جي تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ جنرل سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن رؤف احمد ناگوري، انفارميشن سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن ڊاڪٽر شرميلا فاروقي، سڀني ضلعي صدرز ۽ جنرل سيڪريٽريز ۽ زيري تنظيمن جا عهديداران پڻ شرڪت ڪئي۔ اجلاس جي شروعات ۾ شرڪت ڪندڙن يوم تاسيس جي موقعي تي ڪورنگي ۾ ٿيندڙ تاريخي جلسي جي ڪاميابي تي پارٽي قيادت ۽ سڀني ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏني۔ شرڪت ڪندڙن چيو ته هي جلسو پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي قوت، تنظيمي مضبوطی ۽ شهيدن جي جدوجهد سان جڙيل ناقابلِ شڪست رشتو جو روشن مثال آهي۔
اجلاس دوران 27 ڊسمبر جي تيارين بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن ۾ متحرڪ سازي، تنظيمي قدمن ۽ لوجسٽڪ انتظامات تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي۔ صوبائي وزير سعيد غني جلسي جي تاريخي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته ڪراچي ڊويزن هن جلسي کي شايان شان، منظم ۽ ڀرپور انداز ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو۔
هن ڪارڪنن ۽ قيادت جي وچ ۾ مڪمل هم آهنگي، نظم و ضبط ۽ اتحاد تي زور ڏنو۔ ضلعي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽريز اعلان ڪيو ته ڪراچي ڊويزن 27 ڊسمبر جي جلسي ۾ مڪمل قوت سان شرڪت ڪندو ته جيئن پنهنجي عظيم قائد کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري سگهجي۔ شرڪت ڪندڙن اهو پڻ چيو ته ڪراچي ڊويزن ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿيندڙ ورسي جي مرڪزي تقريب ۾ پڻ مڪمل طاقت ۽ اتحاد سان شرڪت ڪندو۔ اجلاس انهي عزم جي تجديد سان اختتام پذير ٿيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد محترمه بي نظير ڀٽو جي مشن، جدوجهد ۽ عوامي خدمت جو سفر هميشه جاري رکندي۔

اپنا تبصرہ بھیجیں