
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
ٺٽي جي ضلعي هيڊ ڪوارٽر مڪلي تي اسڪولن ۾ داخلا کان محروم رهندڙ وڏن ٻارڙن کي نان فارمل ايجوڪيشن پاليسي تحت مفت ۾ تعليم ڏيارڻ ۽ هنري سکيا لاءِ ڊجيٽل لرننگ سينٽر مڪلي قائم ڪيو ويو آھي جنهن ۾ 3 سئو 94 ٻارڙا ۽ ٻارڙيون مفت تعليم حاصل ڪري رهيون آھن جديد دور جي تقاضا کي سامهون رکندي ڊجيٽل لرننگ سينٽر ۾ داخل ٻارڙن کي ڪمپيوٽر جي تعليم ڏيارڻ لاء مفت ۾ ليپ ٽاپ ۽ هنري سکيا وٺڻ لاء مفت ۾ سلائي مشينون پڻ ڏنيون ويون آھن اهڙو اظھار سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان سماجي اداري ايس آر او پاران پيڪيج پروگرام بِي تحت تعليم حاصل ڪندڙ ٻارڙن ۽ ٻارڙين ۾ مفت ۾ ليپ ٽاپ سلائي مشينون ۽ رزلٽ ڪارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي سماجي اڳواڻن غلام مرتضيٰ خان عزيز سرواڻ تانيه زينب غلام حسين خواجه حسن رند نسرين پليجو صوبيا بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي ڪيو. اُن موقعي تي لرننگ سينٽر ناريجا ڳوٺ مڪلي جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين ۾ مفت ۾ ليپ ٽاپ سلائي مشينون پڻ تقسيم ڪيون ويون ۽ ٽيبلوز تي ٻارڙن گيت پيش ڪري جهمريون پڻ ھنيون. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي
سيف جي ضلعي انچارج غلام مرتضيٰ خان ايس آر او جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر غلام حسين خواجه ۽ عزيز سرواڻ چيو ته مڪلي جي هن ڊجيٽل لرننگ سينٽر ۾ 394 ٻارڙا مفت ۾ تعليم ۽ هنري سکيا حاصل ڪري رهيا آھن بچل ڪنسٽرڪشن ڪمپني سميت مختلف ادارن جي سهڪار سان هن اداري جي ٻارڙن کي مفت ۾ تعليم ڏيارڻ ۽ مفت ۾ ليپ ٽاپ ۽ سلائي مشينون ڏيارڻ جون مقصد نان فارمل ايجوڪيشن کي هٿي وٺرائڻ آھي ان موقعي تي بچل ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي ڊائريڪٽر سيد بچل شاھ لرننگ سينٽر ناريجا ڳوٺ مڪلي لاء سولر سسٽم ڏيارڻ جو پڻ اعلان ڪيو


