ڪراچي ۾ 17 هون سرسو- سرتيون سنگ هُنري نمائش شروع ٿي وئي.

اڄ ڊسمبر 5، 2025 کان سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن (سرسو) پاران 17 هين سرتيون سنگ هُنري نمائش جو باقاعده آغاز اوشين مال ڪراچي ۾ ٿي ويو آهي، جيڪا لڳاتار 3 ڏينهن صبح جو 11 وڳي کان رات جو 11 وڳي تائين جاري رهندي.
سرتيون سنگ هنري نمائش کي ڏسڻ ۽ ڳوٺاني هنرمند عورتن جي تيار ڪيل شيون خريد ڪرڻ لاءِ سڀني کي دعوت آهي. خاص ڪري ڪراچي ۾ رهندڙ خاندانن، سرسو جي دوستن، هنرن سان دلچسپي رکندڙ ۽ ميڊيا کي اپيل ٿي ڪجي ته اهي ضرور اچن ۽ سنڌ جي ڳوٺاڻي هنرمند عورتن جون تيار ڪيل شيون خريد ڪري انهن کي معاشي طور سگهارو بڻائڻ ۾ مدد ڪن.
هن نمائش ۾ سرسو جي ڪم وارن 14 ضلعن جي 6،000 هنرمند عورتن جون تيار ڪيل شيون وڪرو لاءِ رکيون ويون آهن. هي عورتون گڏيل طور مختلف هنرن جون شاندار شيون تيار ڪري وڪرو ڪن ٿيون ۽ پنهنجي خاندان جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.
سرسو هنرمند عورتن جي هنرن جي واڌاري ۽ مارڪيٽ تائين پهچائڻ، گراهڪن سان سڌو رابطو ڪرائڻ ۽ سندن هنر جو مناسب اگهه حاصل ڪرڻ ۾ سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
#SRSO #SartyoonSang #RuralWomenArtisans #BDGs #CraftsEnterprise #HandmadeCrafts #SupportRuralWomenArtisans #SindhCrafts #LivelihoodSupport #WomenEmpowerment

اپنا تبصرہ بھیجیں