
موهن جو دڙو(رپورٽر عاشق پٹھان)سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي تي سنڌ جي مختلف ضلعن لاڙڪاڻو ڪشمور سکر شڪارپور جيڪب آباد گهوٽڪي خيرپور حيدرآباد ڪراچي دادو نوابشاه نوشھرفيروز قمبر توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن کان ماڻھو پنهنجن فيملن ۽ ٻارڙن سان گڏجي سال 2024 جي پڄاڻي تي آخري سج کي الوداع ڪرڻ لاء تاريخي ماڳ موهن جي دڙي تي پهتا،جڏھن ته سال جي پڄاڻي دوران پرڏيهي سياح ،ليکڪن شاعرن اديبن ۽ اسڪولي شاگردن به قديم ماڳ موهن جي دڙي تي پهچي ڪري سال 2024 جي آخري سج کي الوداع ڪيو جڏهن ته 2025 نئون سال اچڻ جون پڻ دعائون گهريون ويون، ان موقعي تي سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي تي آيل سياحن جو چوڻ ھو ته 2024 سال ۾ مهانگائي بيروزگاري تمام گهڻي هئي،جڏھن ته اسڪولي شاگردن چيو ته سنڌ ۾ اغوا ۽ لڄالٽ جا به گهڻا واقعيا تمام گهڻا ٿيا هئا،جڏھن ته 2024 سال تمام گهڻو خراب گذريو ۽ گهڻن مشڪلاتن کي پڻ منهن ڏنو ويو هو هنن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي رب پاڪ کان دعا ٿا گهرون ته 2025 نئون سال خوشيون کڻي ايندو هنن چيو ته اميد ڪجي ٿي ته 2025 نئون سال سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي جو سال هوندو هنن چيو ته نئون سال ۾ سنڌ مان بيروزگاري سميت ملڪ پاڪستان ۾ مهانگائي ختم ڪئي ويندي جيئن غريب مزدور طبقو خوشحالي واري زندگي بهتر نموني گذاري سگهي.


