شھيد بينظير ڀٽو جي 17هين ورسي جي موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير، سينيٽر سسئي پليجو خراج تحسين ڪندي چيو آھي تہ شھيد بينظير ڀٽو ھڪ تاريخ ساز ۽ نڊر اڳواڻ ھئي،

ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) شھيد بينظير ڀٽو جي 17هين ورسي جي موقعي تي اڳوڻي صوبائي وزير، سينيٽر سسئي پليجو خراج تحسين ڪندي چيو آھي تہ شھيد بينظير ڀٽو ھڪ تاريخ ساز ۽ نڊر اڳواڻ ھئي، جنھن جمھوريت، انصاف ۽ پرامن ڌرتيءَ لاءِ دهشتگرديءَ خلاف وڙھندي پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. اسان سندن 17هين ورسي تي سلام پيش ڪريون ٿا. ھن چيو تہ شھيد جمھوريت شھيد بينظير ڀٽو جو شمار نه رڳو پاڪستان ۽ ايشيا پر دنيا جي عظيم، بہادر ۽ مثالي اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو، ھُو ھڪ ذھين اڳواڻ ۽ محبت ڪندڙ ماءُ ھئي، جنھن قوم کي بہ ھڪ ماءُ جي نظر سان ڏٺو ۽ انھن جي مستقبل لاءِ سوچي پارليامينٽ ۽ پارليامينٽ کان ٻاھر مسلسل جدوجھد ڪئي. سسئي پليجو وڌيڪ چيو تہ شھيد بينظير ڀٽو جمھوريت جي بحالي لاءِ ڊڪٽيٽرن کي للڪاريو ۽ عدم تشدد جي واٽ تي ھلي، پاڪستان جي ڳچيءَ مان آمرن جو طوق لاهي ڇڏيو، شھيد محترمه عوام جي خاطر سر جھڪائڻ بجاءِ مسلسل جدوجھد ڪندي پنھنجو جان جو نذرانو ڏنو، شھيد بينظير ڀٽو تي جيترو بہ فخر ڪيو وڃي، اھو گھٽ آھي. پنھنجي فلسفي ۽ فڪر صورت ۾ اڄ بہ جيئري آھي ۽ ھميشہ امر رھندي. اسان سندن 17هين ورسي تي خراج تحسين ۽ سلام پيش ڪريون ٿا ۽ عزم ڪريون ٿا ته جن آئيني حقن لاءِ جدوجھد ڪندي حقيقي معنيٰ ۾ صوبن جي زنجير بڻجي برابري، انصاف، قانون جي بالادستي، ۽ مظلومن، بي وسن، ۽ پسيل طبقن جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ پرامن جدوجھد جاري رکنداسين.

اپنا تبصرہ بھیجیں