
ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
ٺٽي ويجھو چليا وٽ قومي شاھرھ تي ٽرڪ ۽ سوزوڪي ۾ خوفناڪ ٽڪر، سوزوڪي ۾ سوار ڪراچي واسي 9 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا، لاش ضروري ڪاروائي بعد پوليس وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، سوڳ وارو ماحول ڇانيل، تفصيل موجب گذريل اربعہ واري رات دير سان ٺٽي ويجھو چليا وٽ قومي شاھراھ تي تيز رفتار ٽرڪ ۽ ڪراچي کان ڪينجھر ڍنڍ تي پڪنڪ ملھائڻ لاء ايندڙ سوزوڪي ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ سوزوڪي ۾ سوار گلشن عسڪري قذافي ٽائون ملير ڪراچي جا رھواسي پٺاڻ برادري جا 9 ڄڻا اجل جو شڪار بڻجي ويا، فوتين ۾ عبدالله خان، محمد قيصر، تسبيح خان، نورالله خان وھاب خان عدنان، نعمان ۽ ٻيا شامل آھن، جن جا لاش وڏين ڪوششن بعد سوزوڪي مان ڪڍي سول اسپتال مڪلي پھچايا ويا، جتي ايمرجنسي قائم ڪري وڌيڪ ڊاڪٽرن کي طلب ڪيو ويو، اطلاع ملڻ تي ڊي سي ٺٽو محمد فاروق سومرو بہ اسپتال پھچي ويو، جنھن فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد ايمبولينسز ذريعي وارثن حوالي ڪري ڪراچي روانا ڪرايا، ٻڌايو پيو وڃي تہ سوزوڪي ۾ سوار سمورا ماڻھون ڪراچي کان ڪينجھر ڍنڍ تي پڪنڪ ملھائڻ لاء وڃي رھيا ھئا، جيڪي سمورا ماڻھون اجل جو شڪار بڻجي ويا، حادثو ڪندڙ ٽڪر ڊرائيور محمد رئيس ٻٻر ٽرڪ کي حادثي واري جاء تي ڇڏي فرار ٿي ويو، جنھن کي بعد ۾ پوليس گرفتار ڪري ٽرڪ کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي، جڏھن تہ اڃان تائين ڪوبہ ڪيس وغيرہ داخل ٿي ناھي سگھيو، ٻئي طرف وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، وزير اعلي سنڌ جي معاون خاص پ پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر صادق علي ميمڻ، پ پ پ اڳواڻ ڄام احسان جوکيو ۽ ٻين چليا وٽ روڊ حادثي ۾ 9 جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ ھو ڏکويل خاندان سان ھن ڏک جي گھڙي ۾ گڏ آھن.
===================


