
زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پلانٽ بريڊنگ ڊپارٽمينٽ جو فخر ۽ هاسٽل پرووسٽ جي حيثيت ۾ پنهنجي ذميوارين کي دل سان نڀائيندڙ، نهايت ئي شاندار شخصيت پروفيسر ڊاڪٽر واحد بخش بلوچ صاحب هڪ سچي معنيٰ ۾ انمول هيرو آهن.
سندس نرم مزاجي، شاگرد دوست رويو، منظم انتظامي صلاحيتون ۽ فرض شناسي کيس ٻين کان منفرد بڻائن ٿيون. هو نه رڳو علم ۽ تحقيق جي ميدان ۾ پنهنجي خدمتن سبب مشهور آهن، پر شاگردن لاءِ هر وقت سهڪار، رهنمائي ۽ بهتر ماحول مهيا ڪرڻ ۾ پڻ اڳڀرو نظر اچن ٿا.
ڊاڪٽر واحد بخش بلوچ صاحب جي موجودگي هاسٽلز ۾ نظم، سکيا ۽ مثبت ماحول جي ضمانت آهي، جڏهنتہ يونورسٽي کين هڪ باوقار استاد، مهربان راهبر ۽ اعليٰ ڪردار رکندڙ شخص جي طور ياد ڪري ٿي


