
ڪراچي( )واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان ٻڌايو تہ اڱاري جي صبح تقريباً 6 وڳي ڪي اليڪٽرڪ طرفان حب پمپنگ اسٽيشن تي اوچتو بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ حب رائيزنگ مين جو شيل نڪري ويو ۽ پاڻي جي لائين ۾ اوور فلو ٿي ويو. ترجمان موجب اطلاع ملندي ئي واٽر ڪارپوريشن جا آفيسر ۽ انجنيئرنگ ٽيمن فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو. سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي جي خاص هدايت تي هنگامي بنيادن تي مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو جيڪو 10 ڪلاڪن جي لڳاتار ڪوششن کانپوءِ مڪمل ڪيو ويو. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو تہ مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد حب رائيزنگ مين کي چارج ڪيو ويو ۽ حب پمپنگ اسٽيشن مان شهر کي پاڻي جي فراهمي ٻيهر بحال ڪئي وئي آهي.


