
غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير پاران سرسو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محترم محمد ڏتل ڪلھوڙو کي مڃتا شيلڊ سان نوازيو ويو
حڪومت پاڪستان جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاھ پاران سرسو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محترم محمد ڏتل ڪلھوڙو کي مڃتا شيلڊ سان نوازيو ويو آھي.
سرسو جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ موجب ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل هڪ اعلیٰ سطحي سيمینار دوران سندن خدمتن عيوض يادگار شيلڊ ڏني وئي آھي. ان موقعي تي وفاقي سيڪريٽري (ایم او پي اي اینڊ ایس ایس) ۽ انٽرنیشنل فنڊ فار ایگریڪلچرل ڊویلپمنٽ (آئي ایف اي ڊي) جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سميت اعلي سطح جا سرڪاري ۽ نجي تنظيمن جا سربراھ پڻ موجود ھيا.
ياد رھي تہ سرسو جي اڻ ٿڪ ڪوششن ذريعي ڪميونٽیز کي غربت مان نڪرڻ ۽ کين معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت پاران ڏنل هي اعزاز سرسو پاران غربت جي خاتمي وارن ڪمن جي نتيجن ۽ غربت گھٽائڻ ۽ سماجي تحفظ واري وزارت، آئي ایف اي ڊي ۽ ٻين شراڪتدارن جي گڏيل تعاون جي اھمیت کي اجاگر ڪري ٿو


