
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي پاران سنڌو درياءُ تي 6 نون ڪئنالن جي اڏجڻ خلاف مزاحمتي احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪندي 24 فيبروري تي حيدرآباد ۾ وڏو احتجاجي جلسو منعقد ڪرائڻ جو اعلان، سنڌي عوام کي هاڻي جاڳڻو پوندو، ايس ٽي پي پاران سنڌو درياءُ تي 6 نَون ڪئنالن خلاف هلندڙ عوامي رابطه مهم جي سلسلي ۾ ايس ٽي پي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن ۽ ٺٽي جي ضلعي عهديدارن جي اڳواڻي ۾ ٺٽي ضلعي جي شھرن ميرپور ساڪرو گهارو گُجو ۽ مڪلي کان جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي جيڪا ٺٽي شھر ۾ پهچي احتجاجي ميڙاڪي ۾ تبديل ٿي، ٺٽي ۾ عوامي رابطه مهم جي سلسلي ۾ احتجاجي ميڙاڪي ۽ جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو دريا مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري پنجاب جي بنجر ايراضي کي آباد ڪرڻ جي سازش سَٽي وئي آھي جنهن خلاف مزاحمتي جدوجهد واري تحريڪ تيزي سان جاري آھي، ھن وڌيڪ چيو ته جڏھن اسان ڀاڙيا ماڻھو چونڊي اقتدار ۾ اماڻيا آھن ته اسانجي وسيلن سان اهڙو حشر ڪيو پيو وڃي جو هڪ طرف ڪئنال اڏي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪيا پيا وڃن ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته واپڊا چيئرمين سميت واپڊا اختياريون هميشه ڪوڙ ۽ من گهڙت ڪهاڻيون گهڙينديون رهيون آھن سندن بيانن تي ڌيان ڏيڻ بدران اسانکي پنهنجي سياسي عوامي جدوجهد واري سگھ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو، ھن چيو ته ايوان صدر ۾ ھڪ طرف سنڌ جي مفادن خلاف فيصلا ٿي رهيا آھن ته ٻئي طرف پيپلزپارٽي راڳ آلاپي عوام کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي پيپلزپارٽي کي جيڪڏھن سنڌ سان ۽ سنڌو درياءُ جي پاڻي سان همدردي آھي ته فوري طور تي پيپلزپارٽي نواز ليگ کي ٽيڪ ڏيڻ وارو حڪومتي فيصلو واپس وٺي، پيپلزپارٽي ٿوري به همت ڪئي ته نواز ليگ جي ٽيڪ واري حڪومت ڊھي پوندي، ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن حڪمران باز نه آيا ته 24 فيبروري تي سڄي سنڌ حيدرآباد ۾ گڏ ٿي سنڌو دريا تي ڪئنالن سميت حڪمرانن خلاف تاريخي فيصلو ڏيندي ۽ اهو فيصلو حڪمرانن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو سبب بڻجندو، اُن موقعي تي عوامي رابطا مهم جي احتجاجي ميڙ کي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻن هوت خان گاڏھي نثار ڪيريو ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھ ستاف ضلعي ٺٽي جي صدر حيدر شورو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.


