مٽياري: قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي 8 اميدوار بشير ميمڻ جي حق ۾ دستبردار ٿي ويا.

مٽياري مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي 8 اميدوار مسلم ليگ (ن) جي اميدوار بشير ميمڻ جي حق ۾ دستبردار ٿي ويا.

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 216 ۽ سنڌ اسيمبلي جي سيٽ پي ايس 56 تي مسلم ليگ ن جو اميدوار بشير ميمڻ چونڊ وڙهندو.

پي پي 193 پاڪپتن تان مسلم ليگ ن فاروق مانيڪا کي ٽڪيٽ ڏني آهي

انهن تڪن ۾ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم)، جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ)، سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جا اميدوار بشير ميمڻ جي حق ۾ دستبردار ٿي ويا.

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 216 تي بشير ميمڻ جو مقابلو پيپلز پارٽي جي مخدوم جميل الزمان سان ٿيندو.

سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 56 تي مسلم ليگ ن جي بشير ميمڻ جو مقابلو پيپلز پارٽي جي مخدوم محبوب الزمان سان آهي.

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں