ٺٽي ضلعي جي پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي منشيات ۽ گٽڪي جو ڪاروبار ڪندڙ 15 جوابدارن کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ گٽڪو مٽيريل چرس ۽ ديسي شراب هٿ ڪري ورتو مختلف ٿاڻن تي ڪيسز داخل ڪيا ويا ضلعي جي مختلف ٿاڻن ٺٽو مڪلي گهارو ڌاٻيجي ڪينجهر ۽ ساڪرو ٿاڻن جي پوليس ڇاپا هڻي گٽڪو مائو سپلائي ڪندڙ 9 جوابدارن علي اڪبر ميمڻ سرفراز جاکرو سرور بلوچ نانو چانڊيو شفيع چانڊيو علي رضا سولنگي شاهد لاشاري رمضان ملاح ۽ يشپال بَڙو کي گرفتار ڪري وٽانئن 20 ڪلو گٽڪو مٽيريل 15 سئو پاڪيٽ گٽڪي جا برآمد ڪري ورتا سندن خلاف گٽڪا ايڪٽ تحت ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا ڌاٻيجي پوليس ڌاٻيجي جي نئين آبادي ۾ شاهد پٺاڻ جي گٽڪي جي وڏي اڏي تي ڇاپو هڻي 9 سئو 60 ڪلو گٽڪي جو مٽيريل 24 پلاسٽڪ جا ڪيميڪل وارا ڪين 2 پيڪينگ واريون مشينون 2 پنين جي پيڪنگ وارا رول ۽ 2 وڏا پلاسٽڪ جا ٽب ۽ ساڍا 3 سئو پاڪيٽ تيار گٽڪو ۽ مائو هٿ ڪري ورتا مُک اڏو مالڪ فرار ٿي ويو پوليس موجب ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن ايس ايس پي ٺٽو چيو ته ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڇاپا هڻي 6 منشيات فروشن قيوم ميربحر فياض خاصخيلي جميل خاصخيلي سليم ملاح آصف ملاح سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري وٽانئن 19 هزار 8 سئو 50 گرام چرس ۽ ديسي شراب جون 50 ٿيليهون برآمد ڪري سندن خلاف مختلف ٿاڻن تي منشيات ۽ نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
https://sports.jeeveypakistan.com/Jeevey Pakistan Sports Website


