
ڪراچي (26 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪارونجهر جبلن جي تحفظ جي عزم کي ورجائيندي ان کي صوبي جو ثقافتي ۽ ماحولياتي اثاثو قرار ڏنو. هن چيو ته ڪارونجهر اسان جو خزانو آهي اسان ان کي ڪنهن به قسم جو نقصان نه پهچڻ ڏينداسين. اها ڳالهه هن سنڌ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي انتظام هيٺ هڪ مقامي هوٽل ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. تقريب ۾ تعليم جي اڳواڻن، صحت جي ماهرن، پاليسي سازن ۽ صنعت سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب جو عنوان “پاليسي جدت ذريعي صحت جي شعبي ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين جو تسلسل” هو. وڏي وزيرماضي ۾ ٿرڪول منصوبي بابت ٿيل تنقيد جو حوالو ڏيندي چيو ته 10 کان 15 سال اڳ به ماڻهو اهڙائي اعتراض آندا هئا. اڄ ٿر پاڪستان کي بدلائي ڇڏيو آهي ۽ ملڪ کي بجلي فراهم ڪري رهيو آهي. اسان ٿرڪول مان سستي بجلي پيدا ڪري رهيا آهيون ۽ پورو ملڪ ان مان فائدو وٺي رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت ڪارونجهر جي قديم ۽ تاريخي اهميت جو احترام ڪري ٿي ۽ ان جي تحفظ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهندڙن کي ڳالهه ٻولهه ذريعي قائل ڪيو ويندو. 27هين آئيني ترميم: ڄاڻايل 27هين آئيني ترميم بابت سوال جي جواب ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته آئيني تراميم سڄي دنيا ۾ هڪ عام ڳالهه آهن. دنيا جي پارليامانيون سماجي تبديلين مطابق آئين ۽ قانونن ۾ ترميمون ڪنديون آهن. آئون نٿو ڄاڻان ته هن ڀيري ڪهڙا خاص اعتراض آهن. مراد علي شاهه واضح ڪيو ته نيون ٺهيل وفاقي آئيني عدالتون حقيقت ۾ نوان جج نه هونديون پر سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ججن تي مشتمل هونديون. اهي عدالتون معمول موجب عدالتن تي پيل بار گهٽائينديون ۽ عام مقدمن وارن ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آندي ويندي. هزارين ڪيس التوا جو شڪار هئا. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪجهه وڪيل ان سھولت جي مخالفت ڇو پيا ڪن. هن چيو ته هو وڪيل برادري جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو. منهنجا والد مرحوم عبدالله شاهه به وڪيل هئا. مون وڏن وڪيلن کي هميشه اهو چوندي ٻڌو آهي ته دليل انسان کي قائل ڪندا آهن، احتجاج نه. بدقسمتي سان هاڻي اهو تبديل ٿي ويو آهي. وڏي وزير ڪجهه وڪيلن طرفان روڊون بند ڪرڻ ۽ احتجاج ڪرڻ تي تنقيد ڪندي چيو ته روڊن تي اچي شهريَن کي تڪليف پهچائڻ قابل قبول ناهي جيڪڏهن وڪيل حڪومت يا پارلياماني نمائندن سان ڳالهائڻ چاهين ٿا ته ڀلي اچن. يا هو معاملو عدالت ۾ کڻي وڃن. مان هميشه ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيان جيڪو به وزيراعلیٰ هائوس اچڻ چاهي اچي سگهي ٿو. آئيني ترميمن ۾ پيپلزپارٽي جو ڪردار: وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 26هين ۽ هاڻي 27هين آئيني تراميم تي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن يقين ڏياريو ته ڪا به خفيه ترميم نه ٿيندي. هر شيءِ عوام آڏو کليل انداز ۾ ايندي. هن وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ مشاورت ٿي آهي پر 27هين ترميم جو مسودو اڃا تائين باضابطه نموني مون کي موصول نه ٿيو آهي. اسان تي ڪو به دٻاءُ ناهي. اسين متحده قومي موومينٽ پاڪستان سان گڏجي قانون کي بهتر بڻائينداسين. اين ايف سي ايوارڊ: اين ايف سي بابت سوال تي وڏي وزير واضح ڪيو ته وزيراعظم اڃا تائين مون سان اين ايف سي بابت ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي. اين ايف سي جو پهريون اجلاس 4 ڊسمبر تي آهي. چارئي صوبا ۽ وفاق گڏجي اين ايف سي تي ڪم ڪندا. صوبا پنهنجا موقف پيش ڪندا جڏهن ته وزيراعظم جو ڪردار بعد ۾ ايندو. مراد علي شاهه ٻڌايو ته اين ايف سي ايوارڊ جو فيصلو اين ايف سي پاڻ ڪندو ۽ پوءِ اهو صدر پاڪستان ڏانهن موڪليو ويندو. اسان وزيراعظم، پنهنجي پارٽي قيادت ۽ ماهرن کان ضرور رهنمائي وٺندا آهيون پر آخري فيصلو قومي مالياتي ڪميشن ئي ڪندو آهي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ: وڏي وزير سنڌ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ واري ڪارڪردگي کي مضبوط قرار ڏيندي چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ نجي شعبي جي مهارت کي سرڪاري وسيلن سان گڏائي ٿي. اسان وڌيکان وڌ نجي سيڙپڪاري چاهيون ٿا، رڳو 20 فيصد سرڪاري سرمايو لڳائي اسان پنج ڀيرا وڌيڪ منصوبا مڪمل ڪري سگهون ٿا. اهو ئي اسمارٽ گورننس آهي. وڏي وزير زور ڏنو ته آئيني عدالتن ۽ ترميمن بابت اعتراضن کي قانوني فورمن تي اٿارڻ گهرجي. جن جو ڪم دليل ڏيڻ آهي انهن کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي عوام لاءِ تڪليف جو سبب بڻجن جيڪڏهن ڪنهن کي به ڪنهن شيءِ تي اعتراض آهي ته اهو آئيني طريقي سان ان کي چيلينج ڪري. سندھ هائر ايجوڪيشن ڪميشن: سڌارن ۽ مضبوط شراڪتداري صحت جي شعبي ۾ بھتري جو ذريعو: سندھ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي منعقده سيمينار مان خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه صحت جي شعبي جي وڌيڪ بهتري لاءِ پاليسين، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ مهارت يافته پروفيشنلن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سنڌ ايڇ اي سي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽرٽيجڪ پلاننگ جي قيام ۽ مختلف موضوعاتي ٿنڪ ٽينڪس ٺاهڻ جي قدمن کي ساراهيو جيڪي صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ پاليسي سڌارن لاءِ عملي سفارشون تيار ڪندا. وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت اهڙين سفارشات تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ فيصلا سازي ۾ تحقيق ۽ معلومات جي اهميت کي نمايان ڪيو. هن سنڌ ايڇ اي سي پاران تحقيقاتي رابطا وڌائڻ ۽ يونيورسٽين، صنعت ۽ صحت جي شعبي وچ ۾ سھڪار کي مضبوط ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو خاص طور تي زچگي ۽ ٻارڙن جي صحت، جديد طبي سهولتن ۽ ميڊيڪل ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ترقي جو ذڪر ڪيو. هن مسلسل ترقي لاءِ ٽي ترجيحات به بيان ڪيون جن ۾ ٺوس بنيادن تي فيصلا سازي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ قيادت ۽ تعليم، صحت، صنعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شراڪت دارن جي وچ ۾ تعاون شامل آهن. وڏي وزير اعتماد ظاهر ڪيو ته ايندڙ موضوعاتي ٿنڪ ٽينڪس باخبر، عملي ۽ مستقبل تي ٻڌل پاليسي حل تيار ڪندا جن جو مقصد سنڌ لاءِ مضبوط، لچڪدار ۽ عوام دوست صحت جو نظام قائم ڪرڻ آهي.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعلیٰ سنڌ


