
موهن جو دڙو(رپورٽر) جپان کان 11 ڄڻن تي مشتمل پرڏيهي سياحن جي وفد مس وينا جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو پهتو.پرڏيهي وفد ماڳ جي پرڪشش نشان اسٽوپا، گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايريا، ايس ڊي ايريا. ميوزيم ۽ ٻيا تهذيبي ۽ تاريخي آثار گهمي ڏٺا.پرڏيهي سياحن جي آمد وقت سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. ان موقعي تي موهن جو دڙو تي سنڌ ٽوئرزم جي گائيڊ ارشاد سولنگي ماڳ بابت پرڏيهي وفد کي آگاهي ڏني ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا.

جپان کان آيل وفد قديم تهذيب بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو تہ جپان جي اسڪولن ۾ استاد هڙاپا ۽ موهن جو دڙو بابت ليڪچر ڏيندا آھن.ان جي ڪري هتي پاڪستان پهچي موهن جو دڙو تي آيا آھيون.هنن چيو ته موهن جو دڙو جي 5 هزار سال پراڻي تهذيب اوائلي دور جي شاهوڪار تهذيب هئي.هنن چيو تہ قديم زماني ۾ موهن جي دڙي جي ماڻهن جنهن نموني سان شهر اڏيو ان مان سندن شاهڪار ڪاريگري جو انمول مثال ملي ٿو.جپاني سياحن سنڌ جي مهمان نوازي جي بہ واکاڻ ڪئي.


