
لاڙڪاڻو عاشق پٹھان شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي طرفان ، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ، « بااختيار عورت ۽ صنفي برابري » (Women Empowerment and gender equity) جي موضوع ھيٺ سيمينار ٿي گذريو
تفصيل موجب وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ جي ھدايتن تحت شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو طرفان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ بااختيار عورت ۽ صنفي برابري جي موضوع ھيٺ سيمينار ٿي گذريو سيمينار ۾ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، سيمينار کي خطاب ڪندي وائيس پرنسپل چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ڊاڪٽر فوزيہ چانڊيو موضوع جي حوالي سان ملٽي ميڊيا پريزنٽيشن پيش ڪئي چيو تہ ، اسان جي يونيورسٽي شھيد محترمہ بينظير ڀٽو جي نالي سان آھي 



۽ بااختيار عورتن جي حوالي سان انکان وڏو ڪو مثال نہ ٿو ٿي سگهي ۽ هن وڌيڪ چيو تہ محترمہ بينظير ڀٽو پاڻ عورت قيادت جو عملي مظاهرو ڪري دنيا آڏو ثابت ڪيو تہ عورت ڪنھن به شعبي ۾ مردن کان گهٽ ناهي.
سيمينار کي ڊاريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر مير حسن کوسو ، سيڪيورٽي انچارج ڪامران عباسي ۽ ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عبدالصمد ڀٽي پڻ خطاب ڪيو ، مقررين سيمينار کي خطاب ڪندي چيو تہ عورتن جي بااختياري بنا معاشري جي ترقي ناممڪن آهي، ڇوجو عورتن جي شموليت کانسواءِ ڪا به پاليسي پائيدار ترقي حاصل نٿي ڪري سگهي ، ھنن وڌيڪ چيو تہ عورتن کي تعليم، روزگار، قانوني تحفظ ۽ فيصلا ساز عمل ۾ برابر نمائندگي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
سيمينار جي آخر ۾ موضوع جي حوالي سان واڪ جو پڻ انعقاد ڪيو ويو ، واڪ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي ايڊمن بلاڪ کان ٿيندي مک گيٽ تي اختتام پزير ٿي


