عورت کي عزت بدران انسان سمجھو


رفیعہ ملاح
========

سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي روايت ڪڏهن ۽ ڪيئين پئي ـ اھا ته خبر ناھي پر مونکي پنهنجي زندگي ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ ھڪ ٻٽي قتل جو واقعو اڄ به ايئن ياد آھي جيئين ڪجهه گھڙيون اڳ جي ڳالهه ھجي ـ تقريڀن 40 سال اڳ جي ڳالهه آھي جڏهن اسانجي ڳوٺ سيتا ننڍي ۾ اسان جي پاڙيسري حب علي عرف حبلي کي سندس ڀاء ٻني ۾ ڪم ڪندي قتل ڪيو ھو . اسين ننڍڙا ھئاسين ـ دنيا جي دقيانوسي معاملن کان تمام گھڻو پري ۽ پنهنجي دنيا ۾ مست ھوندا ھئاسين . ته صبح جو خبر پئي ته حبلي کي سندس ڀاء ٻني ۾ قتل ڪيو ـ ان کان اڳ ھن جي ڀاء پنهنجي زال کي گھر ۾ قتل ڪيو ۽ پوء ٻني پھچي حبلي کي قتل ڪيو ـ ڳوٺ ۾ اھا ڳالهه باھ جيان پکڙچي وئي ته حبلي کي سندس ڀاڄائي سان ڪارنھن جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو آهي ـ ٻاروتڻ جي ڏينهن جي واقعن ۽ يادگيرين ۾ ھي ھڪ خوفناڪ واقعو آھي ـ جنهن سڄي ڳوٺ ۾ خوف ۽ دھشت پکيڙي ھئي ۽ انھي کانپوء اڄ اسانجو اولاد به ماشاء الله جوان آھي پر اسين اڄ به انھي دقيانوسي سوچ تحت ٿيندڙ ڪاروڪاري جي واقعن بابت پريشان آھيون ـ انھي عذاب مان نجات حاصل ناھيون ڪري سگھيا ـ ھن الزام تحت عورتن کان نه رڳو زندگي کسي وڃي ٿي پر موت جي گھاٽ اتارڻ وقت به مٿس تھمت مڙھي وڃي ٿي ۽ مرڻ کانپوء به ماڻهو کيس بدڪردار جھڙن لفظن سان ياد ڪن ٿا ـ اھڙي ڀيانڪ عمل بابت سوچيندي ئي جسم جا وار ڪانڊارجي ٿا وڃن اھڙي سماجي بي حسي جو بنياد تڏهن پيو جڏهن عورت کي انسان بدران عزت سمجھيو ويو ـ جڏهن عورت کي عزت سان ڀيٽيو ويو ته پوء انھي تي اناء ضد ۽ نام نھاد غيرت جو جواز بڻائي رتوڇاڻ عام ڪئي وئي ـ ساڳي وقت جيڪڏهن ڪنهن به قبيلي جو ڪو مرد ڪھڙي به غليظ ترين برائي ۾ ملوث ھجي پر انھي کي پناھ ملي ويندي ـ گھرڀاتين کان وٺي سماج جا سمورا ماڻهو کيس قبول ڪري ٿا وٺن ـ عورت چيڪڏھن چاھت جي چڪر ۾ ڪو قدم کڻي وٺي ٿي ته ڄڻ قيامت ڪڙڪي پوي ٿي . اھڙو ئي تازو ھڪ واقعو سيوھڻ ۾ پيش آيو آھي جنهن ۾ جوابدار پاران مبينا طور پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو ويو آهي ـ سوشل ميڊيا توڙي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز ذريعي مليل ڄاڻ موجب ته 26 سالن جي نورين مھر 2 سال اڳ منصور سومرو سان ڪورٽ ۾ وڃي پيار جو پرڻو ڪيو ـ يقينن اسان جي ڇوڪرين کي اھو احساس ڪرڻ گھرجي ته انھن جي جنم ۽ پرورش ۾ سندن والدين جو ڪيترو ڪردار ھجي ٿو ـ اھي ئي والدين جڏھن اولاد خاطر راتيون جاڳي پگھر وھائي پورھيو ڪري سندن پرورش ڪن ٿا ته والدين يقينن اولاد سان نفرت نه ڪندا ھونداـ موٽ ۾ اولاد به پيار ڪندو ھوندو ـ پر مان سمجھان ٿي ته مجبور ٿي ھن پڙھيل لکيل ڇوڪري عدالت ۾ وڃي شادي ڪئي ھوندي ـ نه ته ڪھڙي ڇوڪري نه چاھيندي ته سندس شادي جي خوشين ۾ نه والدين جون دعائون شامل نه ھونديون ـ جڏهن ھن محسوس ڪيو ھوندو ته سندس چاھت ۽ چوائيس والدين کي قبول ناھي تڏهن ئي ھن عدالت وارو رستو اختيار ڪيو ۽ پوء نيٺ مائٽن ھٿان مبينا طور مارجي وئي ـ پھرين انھي ناري جي مڙس پاران الزام لڳايا ويا ۽ پوء وري انھي مارجي ويل ناري جي والدا ۽ ڀاء جي وڊيو ڏٺي جن ۾ انھن پاران ناري جي مڙس تي تشدد ۽ بليڪ ميلنگ جا الزام لڳايا پئي ويا ـ پر جڏهن مان ڪالھ پوليس آفيسر جي پريس ڪانفرنس ڏٺي ته ھن آفيسر اھا دعوي ڪئي آھي ته ناري کي سندس گھر ڀاتين قتل ڪيو آھي ـ واقعي جي اڃا جاچ ٿيڻ گھرجي ۽ حقيقتون سامھون اچڻ گھرجن ـ پر جيڪڏهن عورت کي عزت سمجھيو وڃي ٿو ته پوء انھي جي چاھت ۽ چوائيس کي قبول ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ عورت مرضي جي شادي ڪري ته گناھ ٿي وڃي ٿو پر اسان وٽ اڄ به 80 سيڪڙو اھڙيون شاديون ٿين ٿيون جن ۾ نڪاح جي وقت ڇوڪري کان مڙس بابت پڇڻ لاء ايندڙن جي آڏو اتي موجود ڪنوار جون عزيز عورتون کيس ڪنڌ ۾ جھلي ڪنڌ ھاڪاري ۾ لوڏين ٿيون پر اھا شادي ڪندڙ ڇوڪري ھا يا نه ۾ به جواب ناھي ڏيندي ـانھي سماج ۾ ڪا ڇوڪري مرضي جي شادي ڪري ته ھن کي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ وري انھي تي تبصرا ڪندڙ چوندا آھن ته عورت عزت آھي جڏهن والدين جي عزت نه رھي ته پوء انھي کي قتل ڪرڻ عزت ۽ غيرت واري ماڻهو جو ڪم آھي ـ ھي ڪا ھڪڙي ڇوڪري ناھي اھڙيون ھزارين عورتون قتل ٿيون آھن ۽ اھو سلسلو جاري آھي ـ انھي کي روڪڻ لاء سرڪاري سطح تي ڪا به حڪمت عملي ھن وقت نظر نٿي اچي ـ انھي ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته سڀ کان پھرين ڪنهن به عورت جي قتل ڪرڻ جي خبر ميڊيا تي ھلي ته ان ۾ ڪارنھن لفظ لکڻ تي يا استعمال ڪرڻ تي مڪمل پاڀندي لڳائي وڃي ـ ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ۾ دھشتگردي جا قلم ضرور شامل ٿيڻ گھرجن ۽ جنهن ڳوٺ ـ علائقي ۾ اھڙا واقعا پيش اچن اتي انساني حقن واري ڪميشن سميت انساني حقن لاء جاکوڙنيدڙ سموريون ڌريون گڏجي وڃي وقت ڪڍي آگاھي مھم ھلائين ـ ڀارت ۾ ڪنھن زماني ۾ مڙس جي مري وڃڻ جي صورت ۾ عورت پاڻ کي باھ جي مچ ۾ اڇلائي ستي چڙھندي ھئي انھي رسم کي ڀارتي حڪومتن مڪمل طور ختم ڪري ڇڏيو آھي پر اسان وٽ اڃا تائين پنهنجي گھر جي عورتن کي قتل ڪندڙ ماڻهو سماج جا معتبر ۽ غيرتمند ماڻهو سڏرائڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آھن ـ خدارا عورت کي جيڪڏهن عزت سمجهو ٿا ته سندس اھميت ۽ عزت کي اجاڳر ڪري انھي جي مرضي کي اھميت ڏيو ـ ٻئي صورت ۾ نام نھاد عزت ۽ غيرت جي نالي تي عورتن جو قتل بند ڪري ـ کين عزت بدران رڳو انسان ئي سمجھيو وڃي ـ
===========================

اپنا تبصرہ بھیجیں