
ڪراچي (10 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاڪستان ۽ هندوستان وچ ۾ تازو جنگ بندي جي معاهدي جو خيرمقدم ڪندي انکي “امن جي فتح ۽ خطي ۾ استحڪام جي ڪاميابي” قرار ڏنو آهي. هن چيو ته هي اعلان پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي منظوري جو سبب بڻيو آهي. وڏي وزير جو چوڻ هو ته هي جنگ بندي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي طرف هڪ اهم قدم آهي ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ ڳالهين کي ترجيح ڏيڻ جو موقعو پيدا ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته هندوستان کان اپيل ڪئي آهي ته اهي ڪشمير واري مسئيل سميت ٻين مسئلن تي ڳالهين ۽ مذاڪرات ذريعي پرامن طريقي سان حل ڳولين. مراد علي شاھ پاڪستان جي مسلح افواج جي قومي سلامتي جي تحفظ ۾ ڪردار جي پڻ تعريف ڪئي. هن خاص طور تي پاڪستان فضائيه جي تعريف ڪئي ۽ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي پڻ هن ڪاميابي ۾ قيادت تي مبارڪباد ڏني. ان کان علاوه وڏي وزير دوست ملڪ خاص طور تي آمريڪا جو به شڪريو ادا ڪيو جن هنن سفارتي سطح تي هن معاهدي ۾ مدد فراهم ڪئي. مراد علي شاھ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پڻ ڪوششن کي ساراهيو جن هن امن لاءِ آواز اٿاريو ۽ پاڪستان جو موقف بين الاقوامي سطح تي پيش ڪيو.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ


