
ٺٽو(ڊر) مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني جي ٺٽي جي دوري دوران ايس ٽي پي جي ڪارڪنن پاران مٿس ٽماٽن ۽ بيضن جو وسڪارو ڪئنالن جا حامي سڀ حرامي جا زوردار نعرا خبر موجب وفاقي مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني مڪلي ۽ ٺٽي جو دورو ڪري جيئن ئي ٺٽي جي مين اسٽاپ تان سجاول لاءِ روانو ٿيو ته مين بس اسٽاپ تي ايس ٽي پي ٺٽي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھ ۽ ستاف ضلعي ٺٽي جي صدر حيدر شورو جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن نعريبازي ڪندي سندن گاڏي روڪي مٿن ٽماٽن ۽ بيضن جو وسڪارو لاهي ڏنو مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني جي قافلي جي گذرڻ دوران ڪارڪنن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي ڪئنالن جا حامي سڀ حرامي جا زوردار نعرا هنيا ويا مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني چيو ته ٺٽي ۾ ھڪ سياسي جماعت جي ڪارڪنن منهنجي گاڏين جي قافلي کي روڪڻ ۽ حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڊرائيور گاڏي ڀڄائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هڪ سياسي تنظيم جي ڪارڪنن غلط عمل ڪيو آھي


