
سنڌ يونيورسٽي پاران شاندار محفلِ ميلادالنبي ﷺ منعقد
ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن پاران وڏي عقيدت ۽ احترام سان ميلادالنبي ﷺ جي هڪ شاندار ۽ بابرڪت محفل گذريل ڏينهن آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مريءَ ڪئي. ڄاڻايل روح پرور محفل ۾ استادن، شاگردن ۽ انجمن غلامانِ رسول ﷺ جي ميمبرن وڏي محبت سان حضور پاڪ حضرت محمد ﷺ جن جي شانِ اقدس ۾ نعتون پڙهيون ۽ عقيدتي اظهار پيش ڪيا. محفل ۾ سُپريم ڪورٽ جي وڪيل صلاح الدين پنهور خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پرو وائيس چانسلر پروفيسر سيد عبدالستار شاهه، ڪامرس ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، محفل جي منتظم ڪاميٽي جي ميمبرن ڊائريڪٽر آءِ بي اي پروفيسر ڊاڪٽر امام الدين کوسو، ڊاڪٽر ماريه شيخ، ٽيڪس اِن (پرائيويٽ) لميٽڊ جي سي اِي او فيصل خان، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن هن مقدس پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ رسول الله ﷺ جن جي زندگي کي انسانيت لاءِ هڪ روشن رهنمائي قرار ڏيندي چيو ته يونيورسٽي جي استادن، شاگردن ۽ سڄي سماج کي گهرجي ته هو حضور ﷺ جي تعليمات تي مڪمل ريت عمل ڪن، ڇاڪاڻ ته ان ۾ ئي اصل ڪاميابي آهي. هن چيو ته حضرت محمد ﷺ جي زندگي ٻنهي جهانن جي ڪاميابي لاءِ مڪمل ۽ بهترين نمونو آهي. ڊاڪٽر مري زور ڀريو ته حضور ﷺ جي پيغام جو مرڪز رحم، انصاف ۽ اخلاقي پاڪيزگي آهي، جن کي روزمرهه جي زندگي ۾ اپنائڻ لازمي آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر امام الدين کوسو چيو ته نبي پاڪ ﷺ جي تعليم اڄ جي پيچيده دنيا ۾ امن، هم آهنگي ۽ باهمي احترام خاطر پائدار ۽ ڪارائتو حل پيش ڪري ٿي. هن نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو حضور ﷺ جي سيرت جو گهرو مطالعو ڪن ته جيئن هو مضبوط ۽ باڪردار شخصيتون بڻجي سگهن. ڊاڪٽر کوسو چيو ته ميلادالنبي ﷺ جي جشن سان اسان جي اندر انسانيت جي خدمت، رواداري ۽ اتحاد جي قدرن کي ٻيهر تازو ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيڻ گهرجي.


