
لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) دلين کي جوڙيندڙ امن جو سفر، لاڙڪاڻي ۾ واپاري برادري طرفان ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. تفصيل موجب شهرِ محبت لاڙڪاڻو ۾ هڪ پروقار ۽ دلڪش تقريب رکيو ويو، جنهن ۾ پينٽ اينڊ هارڊويئر ايسوسيئيشن جي صدر محمد عاشق پٺاڻ شهر ۾ وڌندڙ جرمن جي مؤثر روڪٿام، امن امان جي بحالي ۽ بهادرانه پوليس قدمن تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري کي امن ايوارڊ سلائي ڇڏيو.تقريب دوران ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري جي روايتي نموني دستاربندي ڪئي وئي، جڏهن ته اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا، جيڪي سنڌي ثقافت، محبت ۽ خلوص جو حسين اظهار هئا. ايسوسيئيشن جي نائب صدر محمود علي پٺاڻ، سينيئر نائب صدر وحيد قريشي، سيڪريٽري جنرل محمد حسن رند ۽ ٻين سينيئر عهديدارن سميت درجنين واپارين ايس ايس پي کي اجرڪ پارائيندي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو.واپارين جو چوڻ هو ته واپار صرف امن جي ڇانوري ۾ وڌي سگهي ٿو، شهر ۽ ملڪ تڏهن ئي خوشحال ٿيندا آهن جڏهن ڀائراڻي ۽ تحفظ جو ماحول هجي. هنن وڌيڪ چيو ته صرف هڪ سال ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي اڳواڻي ۾ پوليس 16 خطرناڪ ڏوهارين کي مقابلي ۾ مارجي ويا آهن. جيڪو شهر جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. واپارين پوليس جي جدوجهد ۾ شهيد اهلڪارن جي قربانين کي پڻ سرخ سلام پيش ڪيو.صدر ايسوسيئيشن محمد عاشق پٺاڻ چيو ته پوليس جنهن ايمانداري ۽ جذبي سان فرض نڀائي رهي آهي، قابلِ تعريف آهي. اسان دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ اميد رکون ٿا ته اها ٽيم ساڳي محنت سان شهرين جي تحفظ لاءِ پنهنجو سفر جاري رکندي.ان موقعي تي ايس ايس پي احمد فيصل چوڌري واپارين جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هي اعزاز رڳو سندن نه پر پوري لاڙڪاڻو پوليس جي ڪاميابي آهي. هن وڌيڪ چيو ته “مان هڪ فرد آهيان، اصل ڪريڊٽ منهنجي سموري ٽيم جو آهي، ڪانسٽيبل کان وٺي آفيسرن تائين سڀني محنت ڪري پنهنجي ذميواري نڀائي آهي ۽ هي عزم اڳتي به قائم رهندو.ايس ايس پي شهرين کي پيغام ڏيندي چيو ته پوليس تي ڀروسو رکو، اسان امن و امان برقرار رکڻ لاءِ سڀ توانايون استعمال ڪنداسين ۽ شهرين جي جان و مال جي حفاظت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏبي. تقريب جي آخر ۾ ايس ايس پي واپارين جون تجويزون پڻ ٻڌيون ۽ مستقبل ۾ به اهڙي تعاون کي برقرار رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو. تقريب ۾ زوار شر، ثاقب شمسي، شهباز قريشي، انيل ڪمار، راجا گرماني، صابر ڀٽو، رضا سولنگي، رمضان منگي، ايان شيخ، لالا عمير پٺاڻ، نبيّل محمود پٺاڻ، آصف راجپوت ۽ ٻيا واپاري موجود هئا.


