ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل پاڪستان پاران نيشنل ڊس ايبلٽي اينڊ ڊولپمينٽ فورم (اين ڊي ايف) جي تعاون سان ضلع شهيد بينظير آباد ۾ سنڌ ٽرانسپيرينسي اينڊ رائٽس انفارميشن ايڪٽ 2016 تي شهرين لاء هڪ تربيتي ورکشاپ ڪرايو ويو.


نواب شاہ(پريس رليز) ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل پاڪستان پاران نيشنل ڊس ايبلٽي اينڊ ڊولپمينٽ فورم (اين ڊي ايف) جي تعاون سان ضلع شهيد بينظير آباد ۾ سنڌ ٽرانسپيرينسي اينڊ رائٽس انفارميشن ايڪٽ 2016 تي شهرين لاء هڪ تربيتي ورکشاپ ڪرايو ويو. ورکشاپ دوران عورتن ۽ معذور ماڻهن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي، ٽرانسپيرينسي انٽرنيشنل پاکستان جي اسسٽنٽ پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر سعد عالم انگاريا ڄاڻ جي حق جي اهميت تي روشني وڌي ۽ قلم جون نمايا خاصيتون واضح ڪيون. هن چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 19 اي ۾ ڄاڻايل معلومات جي حق جو استعمال ڪندي، شهري باخبر فيصلا سازي ۾ حصو وٺي سگهن ٿا، ۽ پنهنجي مفاد جي معاملن ۾ شفافيت ۽ جوابداري کي هٿي ڏئي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته عورتن ۽ معذور ماڻهن لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي ڄاڻ جي حق جو استعمال ڪن ۽ پنهنجي حقن لاءِ ادارن ۾ سماجي جوابداري کي هٿي ڏين ۽ اهي پنهنجي ڳڻتي واري کاتي کان هر قسم جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا، ۽ ان معلومات کي پنهنجي حقن جي خلاف ورزي کي روڪڻ لاءِ اهم ضرورتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا.اين ڊي ايف جي پروجيڪٽ مينيجر طارق حسين چنڙ خطاب ڪندي چيو ته فيصلا سازي لاءِ ڄاڻ اهميت رکندي آهي. اهو هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن ذريعي عوام شفاف ادارن جي ترقي ۾ حصو وٺي سگهي ٿو ۽ ڄاڻ جي حق بابت تمام گهٽ آگاهي آهي. هن شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي جوابداري کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ساٿين کي سٺي حڪمراني جي طريقن ۾ حصو وٺڻ جي صلاح پڻ ڏين.ورڪشات ۾ شريڪ معذور عورت اسماء پنهنجو تجربو ٻڌائندي چيو ته معذور ماڻهن کي ڪيترن ئي مسئلا درپيش آهن ۽ منهن ڏيڻو ٿو. هن چيو ته آر ٽي آءِ جو استعمال ڪندي، پي ڊبليو ڊي پنهنجي حقن سان واسطو رکڻ واري سرڪاري خدمتن بابت اهم ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ پاليسي ۾ پنهنجي آواز جي عڪاسي ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو ڏئي سگهن ٿا.ورڪشات ۾ شريڪ ٿيندڙن رائٽس انفارميشن ايپليڪيشن لکڻ جي سرگرمي ۾ پڻ مشغول رهيا، جنهن ۾ انهن ڪيترن ئي مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ عوامي ادارن کان جواب طلب ڪرڻ جو ارادو ڪيو.

اپنا تبصرہ بھیجیں