چوماسي جي برساتن ۽ اربن فلڊ کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه

اطلاعات کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي
چوماسي جي برساتن ۽ اربن فلڊ کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه
چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس، ميئر ڪراچي ۽ ٻين جي شرڪت،
ڪراچي 6 جون 2024؛ سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ چوماسي جي برساتن ۽ اربن فلڊ کي روڪڻ بابت اهم اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري بحالي وسيم شمشاد، واٽر بورڊ جي عملدارن، پاڪ نيوي، ڪنٽونمينٽ بورڊز جي نمائندن ۽ سمورن ضلعن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ميونسپل ڪمشنرن، ڪي اليڪٽرڪ، ڊي جي ريسڪيو 1122 ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چوماسي جي متوقع برساتن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ڊويزن لاءِ ايمرجنسي ڪنٽينجنسي پلان پيش ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه چيو ته هن سال معمول کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي. انتظاميا کي گهرجي ته شهر جي نالن ۽ چوڪنگ پوائنٽن کي صاف ڪري شهر جي اهم شاهراهن تي پاڻي نيڪال ڪندڙ پمپ لڳائين. هن ميئر ڪراچي ۽ ضلعي انتظاميا کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت ڪي ايم سي ۽ ٻين کاتن جي جتي به ضرورت پئي مدد ڪندي. چيف سيڪريٽري سنڌ برساتين دوران پاڻي جي نيڪال جي ڪم لاءِ بجلي جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي اهم ڪردار تي زور ڏنو. هن ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي مسئلن سبب ڪنهن به جاني نقصان کي روڪڻ لاءِ خاص انتظام تي ذور ڀريو. ان کان علاوه هن سمورن ٽائون چيئرمينن کي هدايت ڪئي ته برسات دوران اندرين گهٽين مان پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. هن سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ٽائون چيئرمينن سان گڏجاڻي ڪري. هن ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو ڊويزنل ۽ ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪن ته جيئن ايمرجنسي واري صورتحال کي موثر نموني سان منهن ڏئي سگهجي. ريسڪيو 1122 ۽ صحت کاتي کي هدايت ڪئي وئي ته هو ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع پلان تيار ڪن. چيف سيڪريٽري سنڌ ميونسپل سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته احتياطي اپاءَ طور برسات کان اڳ انتهائي حساس عمارتون خالي ڪرايون وڃن. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي هن وقت ڪراچي جي 586 نالن جي صفائي ۾ مصروف آهي. هن گجر نالا جي ٻنهي پاسن تي حددخلين کي روڪڻ لاءِ روڊن جي تعمير جو به ذڪر ڪيو. ميئر ڪراچي چيو ته شهر جي سمورن وڏن روڊن ۽ انڊر پاسن تي پاڻي نيڪال ڪندڙ پمپ لڳايا ويندا. ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي چيو آهي ته شهر جا 310 چوڪنگ پوائنٽ برسات شروع ٿيڻ کان اڳ صاف ڪيا ويندا. شهر جي نالن ۾ ڪچرو ڊمپ ڪرڻ خلاف قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، چيف سيڪريٽري سنڌ يقين ڏياريو آهي ته نالن جي صفائي ۽ پمپنگ اسٽيشنن جي بحالي لاءِ سمورا ضروري فنڊ فوري طور جاري ڪيا ويندا. اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ پاران برساتن دوران پمپنگ اسٽيشنن کي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جو يقين ڏياريو ويو. ايمرجنسي جي صورت ۾ شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ريسڪيو 1122، ڪراچي ٽريفڪ هيلپ لائن 1915 ۽ ڪي اليڪٽرڪ سان 021-99207349 تي رابطو ڪن.
ھينڊ آئوٽ نمبر……400 ايف آئي جي

اپنا تبصرہ بھیجیں