
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي) 2 ڏينھن اڳ ٺٽي شھر جي بخاري محلي وارڊ نمبر ھڪ جي رھواسي نصير بڪڪ جو پٽ چوٿين ڪلاس جو شاگرد عرفان بڪڪ گھران نڪري اوچتو پراسرار نموني گم ٿي ويو ھو، جنھن جي مائٽن پاران ڳولا ڪرڻ توڙي ٺٽي ٿاڻي تي سندس گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائڻ بعد ٺٽي پوليس پاران سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مدد سان ٻارڙي جي لوڪيشن کي فالو ڪندد ميمڻ ڳوٺ ملير ڪراچي مان ھٿ ڪري ٻارڙي کي سندس وارثن پيء نصير بڪڪ ۽ مامي حيدر علي بڪڪ جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. جن ٺٽي پوليس جو شڪريو ادا ڪيو آھي، پر اڃان تائين اھو معلوم ٿي ناھي سگھيو تہ ٻارڙي کي اغوا ڪيو ويو آھي يا ھو پنھنجي مرضي سان ويو آھي، جنھن جي جانچ ٿيڻ گھرجي.


