باڊهه ڄائي نامياري قانوندان، سنڌو درياءَ تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف عملي جدوجهد ۾ صف اول جو ڪردار ادا ڪندڙ ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي کي سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ اڪثريت سان سوڀ ماڻڻ تي باڊهه تعلقه موومينٽ جي وفد پاران لاڙڪاڻو سولنگي هائوس پهچي اطهر عباس سولنگي کي گلن جا هار ۽ اجرڪون اوڍائي مبارڪون ڏنيون ويون.


باڊهه، (رپورٽر):
باڊهه ڄائي نامياري قانوندان، سنڌو درياءَ تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف عملي جدوجهد ۾ صف اول جو ڪردار ادا ڪندڙ ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي کي سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ اڪثريت سان سوڀ ماڻڻ تي باڊهه تعلقه موومينٽ جي وفد پاران لاڙڪاڻو سولنگي هائوس پهچي اطهر عباس سولنگي کي گلن جا هار ۽ اجرڪون اوڍائي مبارڪون ڏنيون ويون. باڊهه تعلقه موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو ۽ مفتي نصير احمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ نڪتل وفد ۾ باڊهه جي مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل شخصيتن شيعا علماءِ ڪائونسل اڳواڻ مولانا محمد علي ايماني، جماعت اهلسنت القاسميه اڳواڻ حافظ محمود ساريو، سنڌ بروهي اتحاد اڳواڻ مير نور احمد زهري، باڊهه ميڊيا هائوس جي علي انور عسڪري، محمد امين سيال، مظهر نوشاد ڦلپوٽو، باڊهه سوشل فورم ڪنوينر ڪامريڊ عزيز بروهي، چيمبر آف ڪامرس صدر علي شير ساريو، سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻن شمس الدين پنهور، ڪامريڊ اصغر نوناري، عالم بروهي، مولا بخش ڦلپوٽو، پي ٽي آءِ اڳواڻ ذوالفقار ڪانڌڙو، اقليتي برادري جو مُکي سيٺ تارا مل، سيٺ ڪَڪُو مل، فنڪار راجا سومرو، استاد اعجاز موريو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مير مرتضيٰ گوپانگ، پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ فدا حسين تنيو، پورهيت اڳواڻ قاسم چنه ۽ ٻيا شامل هئا. ان موقعي تي زيب علي ساريو، مفتي نصير ڀٽو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اطهر عباس سولنگي شاگردي واري دور کان وٺي انقلابي ماڻهو رهيو آهي هو ڪنهن به مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکندڙ آهي. سنڌو درياءَ تي ناجائز قبضي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون هڙپ ڪرڻ خلاف سندس ڪيل جدوجهد کي ڪڏھن به وساري نٿو سگهجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ بار ڪائونسل جي اليڪشن ۾ کيس سرسي حاصل آهي سندس ڪاميابي کي نه فقط باڊهه جي پر سنڌ جي ڪاميابي تسليم ڪيون ٿا. ٻئي طرف باڊهه تعلقه موومينٽ ڪنوينر علي محمد بروهي ۽ سينيئر صحافي حميد ناز سومرو ٽيليفون ذريعي ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي کي ڪاميابي جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيڻ بجائي اجتماعي طور مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ يقين رکندو آهي اهو ئي ماڻهو ڪاميابيون ماڻيندو آهي. ايڊووڪيٽ اطهر عباس سولنگي به جهڙي طرح سنڌ جا ڪيس وڙهي رهيو آهي ته کيس سلام پيش ڪريون ٿا باڊهه واسي هئڻ ناتي اسان کي سندس مٿان هميشه فخر آهي ۽ رهندو. هوڏانهن اطهر عباس سولنگي باڊهه تعلقه موومينٽ جي وفد جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته منهنجي سياسي پرورش باڊهه شهر ۾ ٿي آهي. باڊهه انقلابي ماڻهن جو شهر سڏيو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ملڻ گهرجي جيڪو باڊهه جو بنيادي توڙي آئيني حق آهي. آئون قانوني لحاظ کان پنهنجي شهرين سان هميشه گڏ آهيان. وڌيڪ هن چيو ته هي ڪاميابي منهنجي نه پر منهنجي وڪيل ساٿين، باڊهه واسين ۽ خاص طور تي سنڌ جي مظلوم عوام جي ڪاميابي آهي ۽ هي ڪاميابي اسان کي سنڌ جي مسئلن لاءِ جدوجهد ذريعي ملي آهي آئون يقين ٿو ڏياريان ته سنڌ جي مسئلن خلاف آئون هميشه صف اول ۾ رهي پنهنجي جدوجهد جاري رکندس

اپنا تبصرہ بھیجیں