
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)پاڪ آرمي جي رٽائرڊ جوانن جي تنظيم پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائيٽي ( پيس ) ٺٽو جي دستوري گڏجاڻي اڳوڻي ضلعي صدر پيار علي خاصخيلي جي صدارت ۾ شاھجهان مسجد ٺٽو جي پارڪ ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ٺٽي ضلعي جي مختلف علائقن مان پاڪ آرمي جي رٽائرڊ جوانن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جلد ضلعي ٺٽي جي سڀني رٽائرڊ جوانن سان ملاقاتون ڪري 2025 جي باڊي جي باقاعدي سان اليڪشن ڪرائي تنظيم کي حتمي شڪل ڏينداسين ان موقعي تي پيس ٺٽو جي اڳوڻي ضلعي صدر پيار علي خاصخيلي، غلام رسول شاھ، ضياء الله بروهي اڪرم ڪلمتي بلوچ ۽ سارنگ بروهي خطاب ڪندي چيو ته اسانجي پاڪ آرمي جي رٽائرڊ ملازمن کي مختلف مسئلا درپيش آھن انهن جي حل لاء هي تنظيم وجود ۾ آئي آھي جيڪا پاڪستان ليول تي آھي هنن پيس جي مرڪزي اڳواڻن کان مطالبو ڪندي چيو ته سجاول ۽ ٺٽي ضلعن ۾ فوجي فائونڊيشن ۽ سولجر بورڊ به هئڻ سبب رٽائرڊ جوانن کي ڪراچي حيدرآباد جا چڪر ڪاٽڻا ٿا پون هنن پيس جي مرڪزي قيادت کان مطالبو ڪيو ته سجاول ۽ ٺٽي ضلعن ۾ فوجي فائونڊيشن ۽ سولجر بورڊ جو قيام لاء ڪوششون وٺن


