لک قرب ڦلجي اسٽيشن واسي پاڪستان اسٽيل جو اڳوڻو آفيسر , سيال ويلفيئر ايسوسئيشن ڪراچي ڊويزن جا جنرل سيڪريٽري , سماجي تنظيم مارو ملير جا نائب صدر ۽ اسان جو دوست محترم بخشل سيال صاحب جو وقت ڪڍي اڄ مھراڻ ھينڊي ڪرافٽس گلشن حديد تي آيا مون سندن آڌرڀاء ڪندي اسان جو تيار ڪيل سنڌ ۽ سنڌو سان محبت جي اظھار وارو اجرڪ اوڍايو

Ismail Panhwar is with Buxial Siyal.
لک قرب ڦلجي اسٽيشن واسي پاڪستان اسٽيل جو اڳوڻو آفيسر , سيال ويلفيئر ايسوسئيشن ڪراچي ڊويزن جا جنرل سيڪريٽري , سماجي تنظيم مارو ملير جا نائب صدر ۽ اسان جو دوست محترم بخشل سيال صاحب جو وقت ڪڍي اڄ مھراڻ ھينڊي ڪرافٽس گلشن حديد تي آيا مون سندن آڌرڀاء ڪندي اسان جو تيار ڪيل سنڌ ۽ سنڌو سان محبت جي اظھار وارو اجرڪ اوڍايو
محترم بخشل سيال سان منھجو 50 سالن جو تعلق آھي
محترم بخشل پھرين مارچ 1956 ۾ ڦلجي اسٽيشن ۾ پيدا ٿيا سندن والد چاچو مراد علي سيال ڦلجي اسٽيشن ۾ ڪريانه جو دڪان ھلائيندا ھئا انتھائي سٺا انسان ماشاالله انھن پنھجن سڀني پٽن کي سٺي تعليم ڏياري ۽ سٺي پرورش ڪئي بخشل سيال پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڦلجي اسٽيشن مان ڪئي ۽ مون کان ھڪ سال سينئر ھئا پرا ئمري کان پوء اسان گورنمينٽ ھاء اسڪول ۾ داخل ٿياسين ۽ ان وقت اسان جو گورنمينٽ ھاء اسڪول ڦلجي اسٽيشن پڙھائي ۽ ڊسپلين ۾ پوري سنڌ ۾ مشھور ھيو ان وقت ناليوارو استاد سائين سعدالله سومرو ھيڊ ماستر ھئا ۽ سر مراد شاه اسان جو PT ماسٽر ھيو ۽ ريٽاير فوجي ھيا ۽ خاص ڏينھن ۾ فوجي وردي پھري اڪول ايندا ھيا روزانا اسڪول ۾ پريڊ ٿيندي ھئي ۽ اسيمبلي ۾ به سندس آواز گونجندي ھئي اسان جي اسڪول ۾ پريڊ لاء ڪاٺ جون بندوقون به ھونديون ھيون ۽ شھر ۾ ھاء اسڪول جا شاڱرد مارچ به ڪندا ھئا جڏھن مان ڇھين ڪلاس ۾ آيس ته ۔ ۔ سائين سعدالله سومرو ھا ء اسڪول لاء بينڊ جو پورو سامان سيالڪوٽ مان گھرايو جنھن ۾ تمام قسم جا انسٽرومينٽ موجود ھئا سا ئين سعدالله سومرو بينڊ ماسٽر گھرايو ته جيئن شاگردن کي بينڊ جي انسٽرومينٽ جي سکيا ڏئي ۽ بينڊ لاء پاڻ سائين سعدالله سومرو ڇھين ۽ ستين ڪلاس جي شاگردن جي چونڊ ڪئي جن ۾ مان به شامل ھيس بخشل سيال ۽ قربان ڏاوڇ بانسري مونکي بغل وڃا ئڻ سيکاريو ويو بعد ۾ ننڍو ڊرم ۽ وڏو ڊرم به وڃائيندو ھڪ مھيني جي سکيا ۾ سڀ ٽرينڊ ٿي ويا بخشل سيال ۽ قربان ڏاوڇ ڪمال جي بانسري وڃائيندا ھئا صبح جو اسيمبلي ۾ بينڊ قومي ترانو جي ڌن وڃائيندو ھيو 1972 ۾ سائين سعدالله سومرو ھاء اسڪول راڌڻ بدلي ٿيا ته ڪجھ ڏينھن ۾ ھاء اسڪول راڌڻ جي انسپيڪشن ٿيڻي ھئي ته سا ئين سعدالله سومرو اسان جي پوري ٽيم کي انسٽرومينٽ سميت راڌڻ گھرايو ان ٽيم ۾ بخشل سيال به شامل ھئا ۽ اسان ۽ اسان جي گورنمينٽ ھاء اسڪول ڦلجي اسٽيشن لاء اعزاز جي ڳالھ ھئي وقت گذرندو ويو ۽ بخشل سيال کي سائين محمد عيسي پنھور پاڪستان اسٽيل ۾ آرٽيزن ٽريني طور ايم ٽي سي ۾ جوائن ڪرايو جٿي بخشل سيال اليڪٽريشن جو ٽريڊ ورتو ۽ ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کان پوء پرس اليڪٽريڪل ۾ پوسٽنگ ٿي جيڪو اسان جي شاپ جي سامھون ھيو اتي اسان جون ملاقاتون جاري رھيون پاڻ موٽر وائئڊ نگ سيڪشن ۾ ھيا ۽ ان ڪم ۾ ھن مھارت حاصل ڪئي ان دوران سنڌي پورھيت سنگت ۽ بعد ۾ پاڪستان اسٽيل سنڌي آفيسر ايسوسئيشن ۾ سرگرم رھيا

اپنا تبصرہ بھیجیں